غزا تي اسرائيلي بمباري، 24 ڪلاڪن ۾ 49 فلسطيني شهيد،262 زخمي

غزا(م ڊ)غزا تي اسرائيلي فوج جي وحشياڻي ۽ انسانيت دشمن حملن جو سلسلو جاري آهي، جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 49 بيگناهه فلسطيني شهيد ۽ 262 زخمي ٿي پيا، فلسطيني جي صحت واري وزارت موجب امدادي ٽيمون لاڳيتو تباهه ٿيل علائقن مان لاشون ڪڍي رهيون آهن، جن مان تازو وڌيڪ 3 لاشون هٿ ڪيون ويون، مارچ 2024ع ۾ جنگ بندي جي خاتمي کان وٺي اسرائيلي حملا ٻيهر شديد ٿي ويا آهن، جن جي نتيجي ۾ 7,013 فلسطيني شهيد ۽ 24,838 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن، صحت جي وزارت جي انگن اکرن مطابق 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي اسرائيلي بمباريءَ ۾ 57,575 فلسطيني شهيد ۽ 136,879 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

  1. پشاور جي عدالت پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ کي هرجاڻو ڀرڻ جو حڪم

پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي کي پشاور جي سيشن ڪورٽ طرفان عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفنديار ولي خان کي ڏهه لکرپين جو هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو ته شوڪت يوسفزئي 26 جولاءِ 2019ع تي اسفنديار ولي تي پختونن جو سودو ڪرڻ جو الزام هنيو، جيڪو ثبوتن کان سواءِ هو ۽ ان سان سياسي ۽ ذاتي شهرت کي نقصان پهتو، اسفنديار ولي هڪ ارب رپين جي هرجاڻي جو دعويٰ داخل ڪيو هو، جڏهن ته شوڪت يوسفزئي طرفان دليل پيش ڪيو ويو ته سندس بيان صرف سينيٽر اعظم سواتي جي بيان جو حوالو هو، عدالت ان دليل کي غير مؤثر قرار ڏيندي فيصلو اسفنديار ولي جي حق ۾ ڏنو ۽ چيو ته بي بنياد الزام سان شخصيت کي بدنام ڪرڻ ناقابلِ قبول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.