ميرپورخاص ۾ نوڪري بهاني عورت سان مبينا اجتماعي لڄالٽ، ضلعي ڪائونسل ميمبر گرفتار

ميرپورخاص(صالح اوٺو) ميرپورخاص جي علائقي ڀان سنگھه آباد جي رهواسڻ ٽن ٻارن جي ماءُ طلاقيل عورت کي ٻن جوابدارن پاران مبينا طور اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد متاثر عورت جيفرياد تي وومين ٿاڻي تي ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جي ميمبر حڪيم آريسر ۽ سندس دوست مڪيش خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادڻ ماهم عرف مريم ڄاڻايو آهي ته مڪيش پنهنجي موبائل فون تان مون کي ڪال ڪري چيو ته اوهان پنهنجي سي وي کڻي ڪي ايف سي وٽ اچو، جنهن تي آئون سي وي کڻي ويس، جتان هو ڪار ۾ ويهاري نيو سول اسپتال لڳ خالي ويران پلاٽ ۾ کڻي ويو، جتي ڪار اندر ٻنهي جوابدارن مون کي زوري اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون جنهن بعد هو مون واپس ساڳي ڪار ۾ پيزا ميڪس وٽ ڇڏي ويا، ايتري ۾ منهنجي ڀيڻ ردا پوليس سميت پهچي وئي، جنهن کي ڏسي مڪيش فرار ٿي ويو ۽ پوليس حڪيم آريسر کي گرفتار ڪري ڪار کي تحويل ۾ ورتو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار حڪيم کي ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيش ڪري 04 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي، جوابدار حڪيم آريسر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي مٿان ڪوڙا الزام هنيا ويا آهن ۽ پوليس وارن پڻ مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي، مون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ ڊرامو رچايو ويو آهي، ٻي طرف رابطي تي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل شاهين لغاري ٻڌايو ته ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ بعد ڪارروائي کي اڳتي وڌايو ويندو، فرار جوابدار مڪيش جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ملير  ۾ ناري کي بليڪ ميل ڪري اجتماعي زيادتي، ڳورهاري ٿيڻ جو انڪشاف، ڪيس داخل

ملير (ڊ ر) ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ۾ ٽن جوابدارن پاران 16 ورهين جي ناري سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي متاثر ناري جي پيءُ پاران ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فريادي عبدالواحد ڄاڻايو آهي ته هو پورهيت آهي سندس گهرواري گهرن ۾ ڪم ڪري گذر سفر ڪندي آهي، سندس 16 ورهين جي ڌيءُ کي پاڙي ۾ رهندڙ ٽن نوجوانن بابو ولد نبي ميمڻ، الله ڏنو ولد جمعو ميمڻ ۽ رمضان عرف رمو ولد خليل ميمڻ زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ کيس ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن ڪنهن کي ٻڌائيندين ته توکي قتل ڪري ڇڏينداسين، ان واقعي کانپوءِ به هو بليڪ ميل ڪري کيس زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا، جنهن سبب هو ڳورهاري ٿي وئي آهي، جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

جھڏو ۾  نينگر سان بدفعلي، جوابدار ٿاڻي مان فرار، ڌرڻو، 3 اهلڪار گرفتار

جهڏو (ن ع آ) جھڏو ۾  نينگر سان بدفعلي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ٿاڻي مان فرار ٿي ويو،ڏهين محرم جي ڏينهن جوابدار بلال اقبال راجپوت 10 ورهين جي معصوم نينگر کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻايو هو، جنهن کي رهواسين سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو، ٻه ڏينهن سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪالهه جوابدار جهڏو ٿاڻي جي لاڪپ مان مبينا طور فرار ٿي ويو، جنھن کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ لاءِ جهڏو پوليس وٺ پڪڙ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻي پاسي متاثر نينگر جي وارثن ۽ قائم خاني برادري جي ماڻهن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري جهڏو ناڪي وٽ مٺي ميرپورخاص روڊ تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو، ۽ پوليس تي جوابدار ڌر کان رشوت وٺي آزاد ڪرڻ جو الزام هنيو، ھوڏانھن جوابدار جي وارثن سوشل ميڊيا ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پوليس اسان جي نوجوان کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ لاءِ هٿ وٺي فرار ڪرائڻ جو ڊرامو ڪيو آهي، جڏهن ته ايس ايڇ او نثار عالم ابڙو چيو ته آئون هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ نوابشاهه ويل هئس پويان جوابدار فرار ٿيڻ وارو معاملو ٿيو، ايس ايس پي ميرپورخاص جي هدايت تي غفلت جي الزام هيٺ ڊيوٽي تي موجود اي ايس آءِ ارباب خاصخيلي ۽ ٻه پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، جوابدار کي هٿ وٺي فرار ڪرڻ ۽ پوليس مقابلي ۾ مارڻ جو الزام بي بنياد آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.