لاهور(بيورو+پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان حڪمرانن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهي ابراهم اڪارڊ ڪارمعاهدي جو حصو بڻجڻ ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي جرئت ڪن ٿا ته جماعت اسلامي عوامي طاقت سان هڪ وڏي مزاحمتي تحريڪ شروع ڪندي.منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪي پٺڀرائي سان اسرائيل انسانيت کي هڪ بيوقوف هاٿي وانگر چيڀاٽي رهيو آهي.آمريڪي غلامن جي نسلن کي ٽرمپ جي چاپلوسي، سندس حق ۾ بيانن ۽ نوبل انعام جي نامزدگين جي چڪر مان نڪرڻ گهرجي هن بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ احتجاج ۽ مظاهرا ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي نائب امير لياقت بلوچ، سيڪريٽري جنرل امير العظيم ۽ ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات ساجد ناموس پڻ موجود هئا. هن چيو ته پوري سنڌ تي سسٽم جو قبضو آهي شهر جون سڀئي سيٽون ايم ڪيو ايم ۽ پي پي کي ورهايون ويون، لياري عمارت ڪِرڻ ۾ 27 ماڻهو فوت ٿيا، ۽ اڃا تائين ملبو به نه هٽايو ويو آهي.