لاهور(بيورو+پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جمهوريت جي نالي تي ملڪ تي ظلم ۽ جبر جو نظام مڙھيو ويو آهي. فارم 47 جي ايجاد عوام کان ووٽ ڏيڻ جو حق کسي ورتوآهي.انهن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ مرڪزي تربيتي مرڪز جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو.هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت چونڊ نظام کي خراب ڪري ڇڏيو آهي. سيٽون کسي انهن جي پسند جي ماڻهن ۾ ورهايون وڃن ٿيون. ڌمڪين ۽ ڌانڌلي ذريعي، جاگيردار، وڏا ماڻهو ۽ سرمائيدار اقتدار جي ايوانن تي قبضو ڪري رهيا آهن ۽ عوام جو رت چوسي رهيا آهن.ڪروڙين ۽ اربين رپين جا اشتهار ڏئي ترقي ۽ خوشحالي جا ڪوڙا دعوائون ڪرڻ ۽ عوام جي اکين ۾ مٽي وجهڻ حڪمرانن جو پسنديده مشغلو بڻجي چڪو آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي هجي، مسلم ليگ (ن) هجي يا پي ٽي آءِ، اهي سڀ اسٽيبلشمينٽ جا ايجنٽ آهن.