ڪراچي/ٽنڊومحمد خان (پ ر+ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سيعد شيخ چيو آهي ته قوم جيڪڏهن اڄ به ملڪ ۾ نافذ يزيدي نظام خلاف اُٿي کڙو ٿئي ته ملڪي استحڪام ۽ خوشحالي نصيب ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسجد جنت الفردوس باقر نظاماڻي ۾ ”شهادت امام حسين ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف احمد ملاح، ضلعي امير حافظ لعل محمد سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ ”هائبرڊ نظام“ جي نالي تي مارشلا نافذ آهي ۽ پارليامينٽ، عدليه سميت هر اداري تي مڪمل قبضو ڪري آمريڪي سامراج جي غلامن کي قوم مٿان مسلط ڪيو ويو آهي. جماعت اسلامي حسيني مشن کڻي نڪتي آهي، هن چيو ته هن وقت ملڪ جا فيصلا عوامي امنگن بدران پنڊي ۽ اسلام آباد جي بند ڪمرن ۾ ٿي رهيا آهن. عوام يزيدي ٽولي جي حڪمراني جي خاتمي لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي .