ٽنڊو محمد خان/ سيري/کٿڙ(نمائندا)ٽنڊو محمد خان جي ويجهو نورائي شريف ۾ ڦليلي ڪئنال کي 100 فوٽ گهارو پئجي ويو، 4 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لکين روپين جي فصلن کي نقصان، خبر موجب حيدرآباد تعلقي جي نورائي شريف ڀرسان ڦليلي ڪئنال ۾ پاڻي جي سطح ۾ اضافي اچڻ کانپوءِ 100 فوٽن جو اوچتو گهارو پئجي ويو، جنهن سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن جي اطلاع باوجود آبپاشي کاتي جو عملو پهچي نه سگهيو، جنهن جي ڪري 4 ڳوٺن کي پاڻي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، ڳوٺاڻا پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي پنهنجي ٻارن کي وٺي پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيا، گهاري سبب سوين ايڪڙ آبادي واري زرعي زمين مڪمل پاڻي هيٺ اچي وئي، فصلن کي لکين روپين جو نقصان رسيو آهي، گهاري جي خطرناڪ صورتحال کي فوري طور منهن ڏيڻ لاءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بروقت آبپاشي کاتي جو عملو گهارو بند ڪرڻ لاءِ نه پهچڻ سبب گهارو وڌيڪ نقصان جو سبب بڻجي ويو، علائقي جي رهواسي عيدو قمبراڻي، گلڻ شيدي، بچايو ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن کي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر مشينري نه پهچائڻ جي ڪري گهاري وڌيڪ نقصان رسايو آهي، اسان ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ريلوي ڦاٽڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ روڊن رستن تي خيما هڻي عارضي طور رهائش اختيار ڪئي آهي پر اسان جي علائقي جي چونڊيل عوامي نمائندن سان گڏ عملدارن ڪا به سهائتا نه ڪئي آهي نه وري اسان کي هن ڏکئي وقت ۾ ڪو راشن، هنڌ بسترا، ڪپڙا ۽ ٽينٽ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته علائقي جي سول سوسائٽي جي اڳوڻ پير احمد سعيد جان سرهندي گهاري واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن جي سهائتا ڪئي، هوڏانهن ايڪسن ڦليلي ڪئنال غلام عباس پنهور رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڦليلي ڪئنال کي لڳل گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ مشينري جو مڪمل استعمال ڪري 80 کان 90 فيصد گهارو بند ڪيو ويو آهي جنهن ۾ علائقي جي رهواسين پاڻي جي واپسي نيڪال لاءِ گهاري کي مڪمل بند ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي آهي پاڻي جي واپسي نيڪال ٿيڻ بعد رهيل گهارو هر حالت ۾ بند ٿي ويندو، ڦليلي ڪئنال جا ٻيا سمورا بند محفوظ آهن، گهاري وارو هنڌ وڌيڪ پاڻي جي تيزي ۽ دٻاءُ جي سبب متاثر ٿيو آهي، آبپاشي کاتي جي عملي ريسڪيو ٽيم جي مدد سان متاثرين کي ٻيڙين ذريعي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي، ٻي طرف حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو ، وڏي وزير جي معاون عبدالجبار خان ۽ ٻين گهاري واري صورتحال جي جائزي لاءِ گهاري واري هنڌ معائنو ڪيو ۽ متاثرين کي سهائتا جو يقين ڏياريو، جڏهن ته نورائي شريف ڀرسان بند محفوظ نه هجڻ جي ڪري ڦليلي ڪئنال کي وري ٻيهر گهاري پوڻ جو انديشو موجود آهي.