مٽياري:صوبائي وزير جي ڪمدار جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پيرسن جيل ۾ فوت

مٽياري( رپورٽ:ضمير خاصخيلي )مٽياري ڀرسان صوبائي وزير جي ڪمدار جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پيرسن فقير محمد کوسو سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ پراسرار نموني فوت وارثن پاران پوليس تي تشدد ذريعيمارڻ جو الزام . تفصيل موجب مٽياري ويجھو ڇنڊڻ وٽ ڪجھ ڏينھن اڳ مبينا طور تي گوليون ھڻي قتل ٿيل سنڌ حڪومت جي بااثر صوبائي وزير جي ڪمدار جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل مٽياري واسي پيرسن فقير محمد کوسو حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ مبينا طور فوت ٿي ويو جيل انتظاميا مطابق فقير محمد عرف فقيرو کوسو دل جي دوري سبب فوت ٿيو آھي جڏھن ته وارثن جو چوڻ ھو ته پوليس ڀوتارن جي بڇ تي پيرسن فقير محمد کوسو کي سخت تشدد ڪري ماري ڇڏيو آھي جڏھن ته جيل انتظاميا جيل ۾ مبينا طور فوت ٿيل فقيرو کوسو جو پوسٽ مارٽم به نه ڪرايو ھو فقيرو کوسو جي موت کان پوءِ تڪڙو لاش وارثن حوالي ڪري تڪڙو دفنائڻ به ڪيئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.