پنجاب ۾ غيرقانوني رکيل 13 شينهن ضبط، 5 ڄڻا گرفتار

لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي هدايت تي غيرقانوني طور شينهن رکڻ خلاف وائلڊ لائيف کاتي وڏي ڪارروائي ڪئي آهي. 24 ڪلاڪن دوران پنجاب جي 22 هنڌن تي ڇاپن ۾ 13 شينهن  ضبط، 5 ماڻهو گرفتار، 5 ايف آءِ آر درج، ۽ ٻه وڌيڪ جي تياري جاري آهي. لاهور مان 4 شينهن هٿ آيا، 4 ماڻهو گرفتار ۽ 3 ڪيس داخل ٿيا. گوجرانوالا مان 4 شينهن برآمد، فيصلا باد مان 2 شينهن ضبط ۽ هڪ احاطو سيل، جڏهن ته ملتان مان 3 شينهن هٿ آيا ۽ هڪ ماڻهو گرفتار ٿيو. کاتي جو چوڻ آهي ته جنگلي جيوت جو غيرقانوني ڪاروبار ناقابلِ برداشت آهي، قانون تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته زيـرو ٽـالـرنس پاليسي هيٺ بنا فرق ڪارروايون جاري رهنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.