شهيدن جون قربانيون آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي جي ضمانت آهن: صدر

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري ڪرنل شير خان شهيد جي 26هين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شير خان شهيد  دشمن خلاف بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪندي وطن جي دفاع لاءِ جان قربان ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ صدر زرداري چيو ته ڪرنل شير خان جي قرباني قومي تاريخ جو روشن باب آهي، جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته شهيد شير خان هڪ سچو سپاهي هو، جنهن پنهنجي جان جي قرباني ڏئي وطن سان وفاداري جو ثبوت ڏنو. صدر وڌيڪ چيو ته شهيدن جون قربانيون اسان جي آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي جي ضمانت آهن. اسان انهن جي عظمت، بهادري ۽ وطن سان وفاداري کي سلام پيش ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.