وزيراعظم شهباز شريف، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي صدرن جي ملاقات

باقو(م ڊ) آذربائيجان جي شهر خان ڪندي ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربائيجان  جي صدر الهام عليف وچ ۾ ملاقات ٿي، انهن ٽنهي اڳواڻن اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کانپوءِ گڏجي چهل قدمي پڻ ڪئي، آذربائيجان جي صدر وزيراعظم ۽ ترڪ صدر کي خان ڪندي جي تاريخ ۽ اتي موجود تاريخي عمارتن بابت ڄاڻ ڏني، جتي ٽنهي اڳواڻن وچ ۾ غير رسمي ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه ٿي، ڳالهه ٻولهه دوران ٽنهي اڳواڻن هٿ ۾ هٿ ڏئي پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن ۽ گڏجپ جو اظهار ڪيو، ان کان پوءِ آذربائيجان جي صدر الهام عليف پاڻ گاڏي هلائي وزيراعظم شهباز شريف کي شوشا شهر ۾ ظهراڻي لاءِ وٺي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.