واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ هفتي غزا سان لاڳاپيل معاهدي جي اميد ظاهر ڪئي آهي، واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر حماس سان هلندڙ ڳالهين جي حمايت ڪئي ۽ ان بابت آڌرڀاءُ ڪيو،ٽرمپ چيو ته ايندڙ هفتي غزا معاهدو ٿي سگهي ٿو، غزا بابت اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو ۽ اتي وڏي پيماني تي امداد اماڻي رهيا آهيون، آمريڪي صدر چيو ته مان اسرائيلي وزيراعظم سان ايران بابت ڳالهايندس، ايران جو جوهري پروگرام مڪمل طور بند ڪرايو هو، پر ايران وري ان کي شروع ڪري سگهي ٿو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽيرف جي معاملي تي 12 ملڪن ڏانهن خط موڪلي دستخط به ڪرايا آهن، روسي صدر سان پابندين بابت به ڳالهايو هو، صدر پيوٽن پابندين سبب پريشان آهي،ٽرمپ چيو ته مان چين جو دورو ڪري سگهان ٿو يا چيني صدر آمريڪا جو دورو ڪري سگهي ٿو، ٽڪ ٽاڪ جي ڊيل بلڪل ويجهو آهي.