اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت جا قرض ملڪ جي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن، جيڪي هاڻي 76 هزار 45 ارب رپين تائين وڌي ويا آهن، اسٽيٽ بئنڪ طرفان مئي 2025 تائين وفاقي حڪومت جي قرضن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جن مطابق حڪومت جو مقامي قرض 53 هزار 460 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرض 22 هزار 585 ارب رپيا ٿي ويو آهي، دستاويز موجب، هڪ سال جي عرصي دوران حڪومت جي قرضن ۾ 8 هزار 312 ارب رپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، مالي سال 2024-25 جي پهرين يارنهن مهينن ۾ حڪومت جو قرض 7 هزار 131 ارب رپيا وڌيو، جڏهن ته رڳو مئي مهيني دوران قرضي ۾ 1109 ارب رپين جو اضافو ٿيو، اپريل 2025 تائين حڪومت جا قرضا 74 هزار 936 ارب رپيا هئا، جڏهن ته مئي 2024 تائين اهي قرضا 67 هزار 733 ارب رپيا هئا.