پي ٽي آءِ پاران 10 محرم بعد احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

پشاور(م ڊ)پاڪستان تحريڪِ انصاف خيبرپختونخوا، محرم الحرام جي احترام ۾ وقفي کان پوءِ ٻيهر احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ  جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، هن ڳالهه جو اعلان پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي صوبائي صدر جنيد اڪبر پنهنجي هڪ اهم وڊيو پيغام ۾ ڪيو، جنيد اڪبر چيو ته 10 محرم الحرام کان پوءِ احتجاجي تحريڪ ڀرپور انداز سان ٻيهر شروع ڪئي ويندي ۽ هن ڀيري احتجاج ۾ وڌيڪ شدت آندي ويندي، هن واضح ڪيو ته احتجاجي مظاهرا هر حلقي ۾ منعقد ڪيا ويندا ۽ صوبائي حڪومت پڻ ان تحريڪ جو حصو هوندي،جنيد اڪبر پارٽي ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي چيو ته هو احتجاجي تيارين جو آغاز ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.