پي ٽي آءِ ۾ اندورني اختلاف، مشال جي عليمه جي پٽ تي تنقيد

پشاور(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ اندورني اختلاف هڪ ڀيرو ٻيهر نمايان ٿيڻ لڳا آهن، پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي ميمبر مشال يوسفزئي، عليمه خان جي پٽ شيرشاهه تي طنزيه سوال اٿاري ڇڏيا آهن، مشال  يوسفزئي، 9 ۽ 10 مئي جي واقعن سان لاڳاپيل شيرشاهه جون ويڊيوز شيئر ڪندي سوال ڪيو ته شيرشاهه کي ايترو وڏو رليف آخر مليو ڪيئن؟، هن چيو ته پارٽي جا اهم اڳواڻ روپوش آهن، ڪارڪن جيلن ۾ پيا ساهه ڪن، ۽ ساڳي ويڊيو تي حسان نيازي کي 10 سال قيد جي سزا ٿي چُڪي آهي، پر ڪجهه ماڻهن کي ڇو ڇوٽ ڏني پئي وڃي؟،مشال جي هن بيان بعد پي ٽي آءِ اندر هڪ ڀيرو ٻيهر گروپ بنديءَ جو تاثر زور وٺي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.