ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا جي علائقي ڪچلاڪ ۾ هڪ نجي اسڪول جي پرنسپال کي هڪ نابالغ شاگرد سان مبينا مارڪٽ جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي، پوليس شاگرد جي مامو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب نجي اسڪول ۾ ڏهن يا يارنهن ورهين جي هڪ ٻار کي ٻه ڏينهن اڳ اسڪول جي پرنسپال محمد سڪندر مارڪٽ ڪئي هئي، جنهن بعد ٽي جولاءِ تي ٻار جي والد ۽ اسڪول جي پرنسپل جي وچ ۾ صلح ٿي وئي هئي، ٻار جي والد پرنسپال کي معاف ڪندي چيو ته هو هن معاملي ۾ ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪندا، جمعي جي ڏينهن ٻار جي مامو شمس الله اسڪول ويندي پرنسپال تي چاقو سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿيو ۽ پوءِ فوت ٿي ويو، پرنسپال جو واسطو ڪراچي سان هو ۽ هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪچلاڪ ۾ نجي اسڪولن ۾ پڙهائيندو رهيو آهي.