لياري ۾ ڪِريل عمارت جي ملبي مان وڌيڪ 13 لاش ڪڍيا ويا، انگ 22 ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) لياري جي علائقي بغدادي ۾ گذريل ڏينهن ڪِريل پنج ماڙ زبون حال عمارت جي ملبي مان 22 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن جاري رهيو. فوتين ۾ 9 عورتون ۽  هڪ ٻار شامل آهن، خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ملبي هيٺان وڌيڪ 7 ڄڻا دٻيل هوندا. هي افسوسناڪ حادثو جمعي جي صبح ٿيو، جتي هڪ پراڻي رهائشي عمارت اوچتو ڪري پئي. ملبو ڪريو ته ويجهي عمارت جي ڏاڪڻ به متاثر ٿي. سول اسپتال ڪراچي موجب 9 لاش اسپتال آندا ويا، جڏهن ته هڪ زخمي علاج دوران فوت ٿي ويو. شهيد بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صابر ميمڻ موجب زخمين مان 6 ڄڻن کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڊسچارج ڪيو ويو. ڊي سي ڏکڻ موجب ملبو هٽائڻ لاءِ 8 کان 10 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. خطرناڪ قرار ڏنل 16 عمارتون خالي ڪرائي ويون آهن، ۽ هيوي مشينري سان ملبو هٽايو پيو وڃي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي لاپرواهي سبب سانحو پيش آيو، متاثرن جو مطالبو آهي ته لاپرواهه عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.