پ پ هر دور ۾ آمريت جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 5 جولاءِ 1977ع کي پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار  ڏيندي چيو آهي ته ان ڏينهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت مٿان مارشل لا مڙهي وئي. هن چيو ته ڀٽو کي اقتدار تان هٽائڻ سازش هئي، جيڪا جمهوريت ۽ عوامي راءِ خلاف هلي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر دور ۾ آمريت جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي، ۽ اڄ به جمهوريت خلاف سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سجاڳ رهڻو پوندو. هن شهيد ڀٽو جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.