سڄي ملڪ ۾ عاشوري جو ڏهاڙو مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ حضرت امام حسين عه سميت ڪربلا جي ٻين شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ عاشورو جو ڏهاڙو (10 محرم الحرام) مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ 10 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيندو، جيڪو پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو حسينيه ايرانيان کارادار تي پڄاڻي تي پهچندو.
لاهور ۾ عاشوري ڏهاڙي جو مرڪزي جلوس نثار حويلي موچي گيٽ کان برآمد ٿيندو ۽ ڪربلا گامي شاهه تي پڄاڻي تي پهچندو.
اسلام آباد ۾ 10 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه ڪرنل مقبول مان برآمد ٿيندو، جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو امام بارگاهه قيديمي تي پڄاڻي تي پهچندو.
راولپنڊي، پشاور، ڪوئيٽا سميت ملڪ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پڻ جلوس ڪڍيا پيا وڃن، ان حوالي سان سيڪيورٽي جا سخت انتظاميا ڪيا ويا آهن.
شام غريبان جي مجلسن ۾ عالم ۽ ذاڪر ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قربانين تي روشني وجهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.