نواز-عمران ملاقات افواهه قرار، پ پ جو ساٿ نه ڇڏينداسين: اسحاق ڊار

لاهور (م ڊ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار نواز شريف جي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات جي ترديد ڪندي چيو ته اهي خبرون افواهه آهن، اڳوڻي وزيراعظم جي اڊيالا جيل وڃڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا حقيقت ناهي. ڊپٽي وزيراعظم داتا درٻار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڏکئي وقت جي ساٿي آهي، سٺي وقت ۾ ساٿ نه ڇڏينداسين. هن چيو ته پيپلزپارٽي وارا اسان جا اتحادي آهن ۽ رهندا، پيپلزپارٽي وزارتون وٺڻ لاءِ ڪا ڳالهه ناهي چئي، اسان سڀني سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پي ٽي آءِ باني بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قانون پنهنجو رستو وٺندو، اسپانسرڊ قسم جون خبرون پکيڙيون وڃن ٿيون، اسان سڀني سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي ايجنڊا يا خواهش جنگ وڙهڻ ناهي، اسان خطي ۾ امن  سلامتي چاهيون ٿا، اقتصادي ايجنڊا آهي جنهن تي ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون. سينيٽر اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي ڏينهن رات ڪوششن سبب ڪاميابيون مليون آهن.   اقتصادي ايجنڊا تي ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون، وياج جي شرح 22 مان گهٽجي 11 سيڪڙو تي اچي وئي، ترقي ٿيندي ته آمدني به وڌندي. نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف جنگ شروع ڪئي، اسان سندن 6 جهاز ڪيرائي ڇڏيا، پاڪستان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني، اسان کي پاڪ فوج تي فخر آهي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهيون، جيڪو ڀارت کي سبق سيکاريو اهو کيس هميشه ياد رهندو. اسحاق ڊار چيو ته ايران کي هاڻي اندازو ٿي ويو ته پاڪستان ان جو سچو دوست آهي، پاڪستان اسرائيل جي ايران خلاف جارحيت جي نه رڳو مذمت ڪئي پر سفارتي طور تي ڀائر اسلامي ملڪ جي مدد به ڪئي. هن چيو ته صوفين هميشه امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، داتا گنج بخش جي عرس لاءِ بهترين انتظام ڪيا آهن، زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.