”اوهان سسٽم پنهنجي هٿ ۾ رکڻ چاهيو ٿا ته اسان به عمران سان ملي سگهون ٿا!“

اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته آرمي چيف صدر بڻجڻ چاهي ٿو ۽ صدر آصف علي زرداري کي عهدي تان هٽايو ويندو ۽ ٻيون ڳالهيون اهي آهن ته نواز شريف عمران خان سان اڊيالا  جيل ۾ ملاقات جي خواهش رکي ٿو جيتوڻيڪ ن ليگ وارا ان جي ترديد ڪري رهيا آهن پر نواز شريف بابت اهو افواهه نه خبر هئي. ڪڏهن ڪڏهن شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار به هوندا آهن ڪي انهن جا مخالف به ٿي سگهن ٿا. صدر بابت ڪا ڳالهه ڪنهن جي ذهن ۾ آهي ۽ جيڪڏهن نواز شريف عمران خان سان ملڻ چاهي پيو ته ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اوهان کي سمورو سسٽم پنهنجي هٿن ۾ رکڻو آهي ته اسان وٽ جيڪو ڪجهه بچيو آهي ۽ ان کانسواءِ ڪو دڳ ناهي ته اسان اڊيالا وڃي عمران خان سان ملون ۽ ٺاهه ڪريون. عمران خان، جيڪڏهن صدر آصف علي زرداري ۽ نواز شريف سان هٿ ملائيندو ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار گهٽجي ويندو ۽ محدود ٿي ويندو. قومي اسيمبلي ۾ سياستدانن کي اڪثريت ملي وئي آهي ۽ هاڻي هي 27هين آئيني ترميم ڪندا ته پنهنجي مرضي سان ڪندا، جيتوڻيڪ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار هوندو پر وڌيڪ طاقت سياستدانن وٽ هوندي. جيڪي اڄ ڪلهه خبرون اچي رهيون آهن اهي اعتماد جوڳيون آهن يا ناهن پر اهي پيغام ضرور آهن ته جتي ڪا ڳڙ ٻڙ ٿي رهي آهي ان کي روڪي سگهجي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، آچر 06  جولاءِ  2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.