يوٽيلٽي اسٽورن تي 18 ارب رپين جو ”ڪيڙن وارو اٽو“ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(م ڊ) يوٽيلٽي اسٽورن تي عوام کي 18 ارب رپين جو صحت لاءِ هاڃيڪار ڪيڙن وارو اٽو وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي، جنهن تي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان نوٽيس وٺندي سوشل ويلفيئر پروٽيڪشن کي خط موڪلي ڇڏيو آهي، آڊٽ جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن گذريل سال 18 ارب رپين جي اهڙي ڪڻڪ ۽ اٽو عوام کي ڏنو، جنهن ۾ ڪيڙا هئا، آڊيٽر جنرل  عام ماڻهن جي زندگين تي اثر وجهندڙ هن ڪرپشن کي پنهنجي خاص رپورٽ ۾ وائکو ڪيو آهي، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان عوام سان سڌيءَ ريت لاڳاپيل 300 ارب رپين کان وڌيڪ جي منصوبن ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪري ان خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي، رپورٽ موجب، هي ڪيڙن وارو اٽو ۽ ڪڻڪ گذريل مالي سال دوران مختلف سرڪاري يوٽيلٽي اسٽورن تي عوام کي وڪرو ڪيو ويو، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب سستي اٽي جي اسڪيم تحت عوام کي 6.5 ارب رپين جو رليف به نه ملي سگهيو، بدانتظامي جي نتيجي ۾ عوام کي اربين رپين جي سستي ڪڻڪ ۽ اٽي جي فراهمي نه ٿي سگهي، هڪ ارب رپين جي ڪڻڪ اسپري نه ڪرڻ سبب خراب ٿي وئي، گذريل سال نگران حڪومت دوران به پرڏيهه مان ڪيڙن واري ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو هو، آگسٽ 2023 کان مارچ 2024 تائين 330 ارب رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، جنهن مان 13 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۾ ڪيڙا موجود هئا، نگران حڪومت جي دور ۾ 250 ارب رپين جي لاڳت سان 28 لک ميٽرڪ ٽن درآمد ڪيل ڪڻڪ پاڪستان آندي وئي، عملدارن جو موقف آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي درآمد ڪيل ڪڻڪ مان ڪجهه ناقص معيار واري ڪڻڪ ملي هئي، هن ڪڻڪ کي ٿرڊ پارٽي جي ذريعي اٽي ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ پوءِ اهو اٽو اسٽورن تي سستي اگهه تي وڪرو ڪيو ويو، حڪومت طرفان هدايت ڏني وئي هئي ته درآمد ڪيل ڪڻڪ ۽ اٽي کي سستو اٽو اسڪيم ۾ شامل ڪيو وڃي، ڪڻڪ نگران حڪومت جي دور ۾ ٻاهرين ملڪن مان درآمد ڪئي وئي هئي، هڪ سينيئر عملدار موجب هو هن معاملي بابت وڌيڪ وضاحت نٿا ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.