اسلام آباد (م ڊ) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري 5 جولاءِ 1977ع جي مارشل لا کي ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان اونداهو باب قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ڏينهن عوامي حڪومت تي راتاهو هنيو ويو، جنهن ملڪ کي انداهين ۾ ڌڪيو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ بلاول چيو ته آمريت قوم ۾ نفرت ۽ ورهاست جا ٻج پوکيا، جن جا اثر اڄ به سياسي، سماجي ۽ قومي شعور تي واضح آهن. هن زور ڏنو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته نفرت ۽ شخصي حڪمراني مان نڪري، اتحاد، برداشت ۽ آئين جي بالادستي کي اختيار ڪجي. پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان به 5 جولاءِ کي ڪارو قرار ڏيندي چيو ته ان ڏينهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوريت پسند حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو.