سکر/ روهڙي (نمائندا/م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صدر آصف علي زرداري کي هٽائڻ بابت سوال تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي ان ڳالهه تي تڪليف آهي ته پهريون ڀيرو اسان سڀ گڏ آهيون، حڪومت، سياستدان ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي آهن، سوشل ميڊيا جي افواهن تي ڌيان نه ڏيو. روهڙي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کان صحافي سوال ڪيو ته ڇا صدر آصف علي زرداري کي عهدي تان هٽايو پيو وڃي ۽ نئين ترميم آندي پئي وڃي؟ جنهن تي محسن نقوي جواب ڏيندي چيو ته منهنجي درخواست آهي ته محرم الحرام دوران سياست نه ڪريو ته سٺي ڳالهه آهي، سوشل ميڊيا جي افواهن تي ڌيان نه ڏيو، ٻي ڳالهه اها ته سوشل ميڊيا جي خبرن کي بلڪل نه مڃو، منهنجي خيال ۾ ڪجهه ماڻهن کي انڪري تڪليف آهي ته اسين سڀ گڏ آهيون، ان ڪري افواهه پکيڙيا پيا وڃن، هن چيو ته پهريون ڀيرو سياستدان، حڪومت ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ سڀ گڏ آهن ته ڪجهه ماڻهن کي تڪليف ٿئي ٿي، سڀ گڏ آهيون انڪري جن ماڻهن کي تڪليف ٿي رهي آهي اهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪندا، منهنجي درخواست آهي ته ٻه ڏينهن سياسي ڳالهين کان پاسو ڪيو وڃي، صحافي سوال ڪيو ته ڇا وفاقي حڪومت کي شڪارپور، ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جي حالتن جي خبر ناهي؟ جنهن جي جواب ۾ محسن نقوي چيو ته جيئن خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن کي ماري ڀڄايو آهي، تيئن ڪچي جي ڌاڙيلن جو به بندوبست ڪنداسين، وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي ڌاڙيلن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪنديون، محسن نقوي وڌيڪ چيو ته مذهبي نفرت ۽ فرقيواراڻن بيانن تي عدم برداشت پاليسي اختيار ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي چڙ ڏياريندڙ شيون برداشت نه ڪيون وينديون، ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ هندوستاني فتني جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ فورسز الرٽ آهن، اميد آهي ته حڪومتي اپائن ۽ سڪيورٽي ادارن جي محنت سان عاشورن جو ڏينهن امن سان گذرندو.