لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته جيڪڏهن غلط بياني تي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو ته پوءِ ايوان کي تماشو بڻائيندڙن کي ڇو نه ٿو ڪري سگهجي ؟
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ احمد خان چيو ته ڪجهه اسيمبلي ميمبرن کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، اپوزيشن ليڊر سوال اٿاريو ته ڇا مان ريفرنس موڪلي سگهان ٿو يا نه؟ منهنجي رولنگ خلاف گهڻو ڪجهه چيو ويو ۽ لکيو ويو.
هن چيو ته بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون، گوڙ ڪيو ويو ۽ ناڻي واري وزير تي حملا به ڪيا ويا، ڇا ايون ۾ احتجاج لاءِ ڪجهه حدون مقرر نه ٿيڻ گهرجن؟ مان ان ڳالهه کي تسليم نٿو ڪريان ته قائدِ ايوان يا مخالف ڌر اڳواڻ کي تقرير ڪرڻ نه ڏني وڃي. منهنجو ڪيس ته پنجاب جي 12 ڪروڙ ماڻهن جي حق لاءِ آهي.
اسپيڪر جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ميمبرن مون کان مطالبو ڪيو ته مان آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تحت فيصلا ڪريان، پر مان آرٽيڪل 62، 63 جي خلاف آهيان، هي آرٽيڪل آمريت جي نشاني آهي ۽ ان کي جمهوريت جي خلاف استعمال ڪيو ويو، مان پنهنجن آئيني اختيارن کان هڪ انچ به اڳتي نه وڌندس، ٻيو رستو اِهو هو ته آرٽيڪل 148 تحت فيصلا ڪيا وڃن.
ملڪ احمد خان وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 62، 63 تحت نواز شريف جي نااهلي تي پي ٽي آءِ اسپيڪر جي اختيار جي حمايت ڪئي هئي، جسٽس آصف سعيد کوسا به اسپيڪر کي اهو اختيار ڏنو هو ته هو سيٽ خالي قرار ڏئي سگهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن وزيراعظم کي غلط بياني تي نااهل ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ ايون کي تماشو بڻائيندڙن کي ڇو نه؟ ڇا انهن ماڻهن جو دماغ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪي منهنجي ريفرنس تي اعتراض واري رهيا آهن؟
ملڪ احمد چيو ته جيڪڏهن پارلياماني پارٽي ويهي ڳالهيون نه ڪندي ته پوءِ آرٽيڪل 63 ٽو تحت فيصلو اچي ويندو، اپوزيشن خلاف ريفرنس جو فيصلو ڪرڻ لاءِ اڃا 26 کان 27 ڏينهن باقي آهن، 26 ميمبرن جي معطلي حڪومت جي ميمبرن جي درخواست تي ڪئي وئي آهي.
اسپيڪر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي سڄي جمهوريت (ن) ليگ جي مخالفت تي بيٺل آهي، مونکي پنهنجن حقن جي پاسداري لاءِ ميمبرن 63 ٽو تحت درخواستون ڏنيون، مان ڪنهن جي خلاف نه پر اسيمبلي جي حرمت جي حفاظت ڪري رهيو آهيان، مان سياسي ماڻهو آهيان ۽ منهنجي سياست ڪنهن جي نااهلي تي بيٺل ناهي.
غلط بياني تي وزيراعظم نااهل ٿي سگهي ٿو ته ايوان کي تماشو بنائيندڙ ڇو نه؟ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي
You might also like