ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان ڪراچيءَ ۾ انتهائي زبون حال عمارتون ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني ۽ گهرو وزير ضياءُ لنجار، لياري واري واقعي کانپوءِ اڄ ٿيل اجلاس بابت پريس ڪانفرنس ۾ تفصيل ٻڌايا.
پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني چيو ته جاني نقصان جو ڪو به ازالو ممڪن ناهي، پر حادثي ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهو تمام گهڻا غريب آهن، سنڌ سرڪار في خاندان 10 لک رُپيا مالي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته واقعي کانپوءِ ڊائريڪٽر سطح جي آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ في الحال ايس بي سي اي جا اُهي آفيسر معطل ڪيا ويا آهن جيڪي هن وقت علائقي ۾ مقرر آهن، جڏهن ته 2022 ۾ جڏهن عمارت خطري جوڳي قرار ڏني وئي هئي تنهن وقت مقرر آفيسرن جو به تعين ڪيو پيو وڃي.
سعيد غني موجب، ڪراچي ۾ 51 عمارتون انتهائي زبون حال آهن، انهن عمارتن ۾ ڪيترا يونٽ ۽ ماڻهو رهن ٿا، ان بابت تفصيل ڪراچي جو ڪمشنر 24 ڪلاڪن اندر ڏيندو ته جيئن انهن عمارتن کي ڊاهڻ جو عمل شروع ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ 588 اهڙيون عمارتون آهن، جن کي ” خطرناڪ“ قرار ڏنو ويو آهي، انهن جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويندو ته ڪهڙيون عمارتون فوري ڊاهڻ جوڳيون آهن ۽ ڪهڙيون مرمت ذريعي درست ڪري سگهجن ٿيون.
صوبائي وزير سعيد غني عوام کي صلاح ڏني ته هو ڪو به فليٽ يا پلاٽ وٺڻ کان اڳ ان ڳالهه جي پڪ ڪن ته منصوبو قانوني حيثيت رکندڙ آهي يا نه.
واضح رهي ته گذريل هفتي ڪراچي جي علائقي لياري بغدادي ۾ هڪ 5 ماڙ عمارت ڪري پئي هئي، جنهن ۾ 6 ڪٽنب رهندڙ هئا، ڏکوئيندڙ حادثي ۾ هنيئر تائين 27 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.
پريس ڪانفرنس ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته لياري ۾ عمارت ڪرڻ وارو واقعو افسوسناڪ آهي، سنڌ ۾ مجموعي طور 740 اهڙيون عمارتون آهن، جيڪي خطرناڪ آهن. اڄ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي کي به معطل ڪيو ويو آهي، اسان کي ڏسڻو آهي ته اڳوڻي ڊي جي ايس بي سي اي جو ان ۾ ڪهڙو ڪردار هو.
لياري سانحو: سنڌ حڪومت جو ڪراچيءَ ۾ انتهائي زبون حال عمارتون ڊاهڻ جو فيصلو
You might also like