چلڊرين اسپتال لاڙڪاڻي مان اغوا ٿيل ٻارڙي ڪراچي مان بازياب، هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس طرفان لاڙڪاڻي جي چلڊرين اسپتال مان چار ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻارڙي کي ڪراچي مان بازياب ڪرائي ورتو ويو آهي، جڏهن ته هڪ عورت سميت ٻه جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.
پوليس جي دعويٰ آهي ته ٻارڙي کي ڪراچي جي علائقي بلال ڪالوني مان بازياب ڪرايو ويو آهي.
پوليس ڪارروائي دوران اغوا ۾ ملوث عورت ناز چانڊيو ۽ حميد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، گرفتار عورت قمبر ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر آهي، جنهن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اولاد نه هئڻ سبب هن ٻارڙي کي اغوا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.