وزيراعظم سان گورنر ڪي پي جي ملاقات، سوات سانحي تي افسوس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ وزيراعظم شهباز شريف کي سوات درياءُ ۾ پيش  آيل افسوسناڪ واقعي بابت بريفنگ ڏني. رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊيءَ جي ملاقات وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي صورتحال تي به خيال ونڊيا ويا. وزيراعظم سوات درياءُ ۾ پيش آيل المناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل ادارن کي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ پنهنجي صلاحيت وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي پاسي، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي خان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا وِنگ پاران جاري ڪيل بيان مطابق، ملاقات ۾ وفاقي وزير قانون و انصاف اعظم نذير تارڙ، وفاقي وزير رانا مبشر اقبال، وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُالله  ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.