مولانا فضل الرحمان بي اعتمادي تحريڪ جو حصو نه بڻجندو؟

اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو پيغام اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ جي باني تائين پهچي ويو، گذريل ڏينهن عمران خان جي ڀينرن ساڻس ملاقات ڪري مولانا فضل الرحمان جو پيغام پهچايو، ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي باني کي اهو پيغام ڏنو ويو ته مولانا فضل الرحمان سان خيبر پختونخوا ۾ اِن هائوس تبديلي لاءِ رابطو ڪيو ويو، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف کي يقين ڏياريو آهي ته هو ڪي پي حڪومت خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ جو حصو نه بڻجندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.