هاءِ ڪورٽ پاران چنگچي رڪشن تي پابندي واري مامري تي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهر جي مرڪزي شاهراهن تي چنگچي رڪشن تي پابندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي  ٿي، عدالت سنڌ حڪومت، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي، 16 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواست گذار جي وڪيل صلاح الدين گنڊاپور ٻڌايو ته سنڌ حڪومت شروعاتي طور ڪمشنر ڪراچي جي ذريعي 12 روٽن تي چنگچي رڪشن تي پابندي لاڳو ڪئي، جنهن بعد نوٽيفڪيشن ۾ ترميم ڪري پابندي وارا روٽ 30 ڪيا ويا، وڪيل چيو ته  پابندي لاڳو ڪرڻ کان اڳ متاثر ڌرين سان ڪا به صلاح مشورو نه ڪيو ويو، وڪيل چيو ته ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ 60 هزار چنگچي رڪشا هلن ٿا، جن مان 80 سيڪڙو پابندي وارن روٽن تي هلندڙ هئا، نتيجي ۾ غريب شهري معاشي طور تي متاثر ٿي رهيا آهن، وڪيل صلاح الدين جو چوڻ هو ته قانون ۾ ترميم کان پوءِ پابندي لاڳو ڪرڻ جو اختيار ڪمشنر بدران هاڻ بلدياتي نمائندن وٽ آهي، عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڌرين کان موقف طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.