اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس منصور علي شاهه، ججن جي سينيارٽي صلاح مشوري بنا طئي ڪرڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، ان سلسلي ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جوڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري کي هڪ خط لکي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب، جسٽس منصور علي شاهه هي اعتراض 30 جون تي سيڪريٽري کي موڪليل خط ۾ ڪيو آهي، خط جي متن مطابق، صدر ججن جي سينيارٽي طئي ڪرڻ کان اڳ چيف جسٽس سان مشاورت ڪرڻ جو پابند آهي، آئين جي آرٽيڪل 200 تحت مشاورت ضروري هئي، پر صدر جلدي ۾ پاڻمرادو سينيارٽي طئي ڪري ڇڏي، جيڪا قانوني اصولن جي خلاف آهي، هي معاملو انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ اڳ ئي التوا هيٺ آهي، تنهن ڪري ان تي ڪنهن به حتمي فيصلي کان اڳ قانوني ۽ عدالتي طريقيڪار جي پيروي ضروري آهي.