هڪ مذهبي جماعت سکر ۾ اتر سنڌ ۾ امن ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪانفرنس ڪرائي آهي جنهنکي امن ڪانفرنس جو نالو ڏنو ويو آهي. ڪنهن جي به نيت تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي پر امن قائم رڳو قبيلائي سردار ڪرائيندا اها ڳالهه ٿوري ڳري لڳي ٿي.امن هر فرد جي ضرورت آهي رياست جو آئين ان ڳالهه جي ضمانت ڏي ٿو ته هر شهري جي جان مال عزت آبرو کي تحفظ ڏيندي.
جيڪڏهن امن هوندو ته ماڻهو پنهنجو عزت وارو روزگار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويندا آهن. هر فرد اهو چاهيندو آهي ته هو گهران روزگار لاءِ ٻاهر وڃي ۽ عزت سان واپس پنهنجي روزگار ڪري صحيح سلامت گهر اچي وڃي سگهي جيڪڏهن اهڙِي صورتحال ٿي وڃي ۽ ماڻهو پنهنجي روزگار لاءِ گهران به نه نڪري سگهن ته پوءِ ڄڻ ڪا جنگي صورتحال ٿي وڃي ٿي.ڌاڙيلن کي جيڪڏهن ڪو امير ماڻهو هٿ ڪونه ٿو اچي ته هو غريب ماڻهن کي اغوا ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن.اڳ ڌاڙيل غريب فرد ڏسي ماڻهن کي ڪونه ڦريندا هئا. هاڻي اهڙِي صورتحال ٿي وئي آهي جو ڌاڙيل غريب ماڻهن کي ڪمزور ڏسي پهرين ڦريندا آهن امن ڪرائڻ لاءِ جيڪي به سياسي، پارٽيون، ، سول سوسائٽي جا دوست سرگرميون ڪري رهيا آهن کين شابس هجي پر امن ان شرط تي ته امن قبيلائي سردار ڪرائيندا ان تي پڙهيل ڳڙيل ترقي پسند طبقي کي ڪا به وڏي اميد آسرو ڪونه آهي. مثال طور هڪ آهن ڌاڙيل جيڪي بنا فرق جي هر ماڻهو کي ڦرن ٿا ٻيو آهن قبيلائي تڪرار، ٽيون ڪارو ڪاري اتر سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن يا قبيلائي دهشتگردي ۾ هزارين نوجوان مرد توڙي عورتون به قتل ٿيون آهن، اجمل ساوند پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر کان زخمي چانڊيي جهڙا شاعر به انهيءَ قبيلائي دهشگردي جو شڪار بڻيا يا اهڙا غريب انسان جن کي قبيلائي جيهڙي سان ڪوبه واسطو ڪونه جيڪي قتل ٿيا هئا.سنڌ جو ملهه غلام سرور جتوئي خيرپور ۾ قتل ٿيو هو.مسلسل قبلائي جيهڙا نه رڪڻ جو ڪارڻ جرڳن ۾ پيسن عيوض قتل معاف ڪيا ويند آهن ۽ ڏوهه يا ڏنڍ لکين يا ڪروڙين روپين ۾ ڀري قتلن کي معاف ڪيو ويندو آهي.مثال طور جرڳن ۾ اعلانيو ويندو آهي ته ڦلاڻي قتل جا 20 لک ۽ ٻي قتل جا 40 لک ۽ سرداري گهراڻي جو هو ان لاءِ وري هڪ ڪروڙ جوابدار ڌر ڀري ڏيڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي پوءِ وري خون بها جي نالي ۾ خون معاف ٿي ويندا آهن.
خون بها ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن نبيرو ٿئي ٿو يا اڳتي اڳرائي ڪري قبلائي تڪرار نه ڪرڻ جي ڳالهه ٿئي ته خون بها ۾ معافي سان قبلائي جيهڙا ٻيهر ٿيڻ جو انديشو وڌيڪ وڌي وڃي ٿو. جيڪڏهن قاتلن کي خون معاف ٿيندا ته ان جا نتيجا قبيلائي جيهڙن جي خاتمي بدران ويڙهه جهيڙين جي شڪل ۾ آڏو ايندا آهن.سنڌ ۾ قبيلائي جي جهيڙن جي گهٽتائي جي اميد قبيلائي سردارن مان نه رکڻ گهرجي سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سٺي پوليسنگ ۽ سٺي پوليسنگ ئي واحد حل آهي. سنڌ ۾ نج قانون جي حڪمراني لاءِ پراسيڪوشن ڊپارٽمينٽ آهي. جئين ايڊوڪيٽ جنرل آهي تئين سنڌ ۾ پراسيڪيوٽر جنرل آهي ۽ سنڌ جي هر ڪورٽ سڳوري ۾ پراسيڪوٽر جنرل به آهي. ۽ سنڌ ۾ هر تعلقي سطح تي ۽ ضلعي سطح تي ننڍن توڙي وڏن تعلقن ۾ ڪورٽون قائم آهن.
ڪٿي تعلقي ۾ جوڊيشل مجسٽريٽ سول جج سڳورو ته ڪٿي تعلقن ۾ وري سنيئر سول جج يا ايڊيشنل سيشن جج مقرر آهن ۽ ضلعي سطح تي وري مکيه ڪورٽون سيشن جج، ٽي يا چار ايڊشنل سيشن جج، ماڊل سيشن جج، دهشگردي ڪورٽ ته لڳ ڀڳ سنڌ جي هر ضلعي ۾ قائم آهي. مٿين ڄاڻايل ڪورٽن ۾ سرڪاري وڪيلن جي ڊسٽرڪٽ اٽارني، پراسيڪوٽر وغيره کي ملائجي تي سرڪاري وڪيلن جو هڪ وڏو تعداد مقرر ٿيل هوندو آهي. جن جو ڪم انصاف جي فراهمي ۽ قانون جي حڪمراني تي عمل ڪرائڻ هوندو آهي.
نتسش ڪمار سال 2010ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب آيو هو ته هن بهار جهڙي صوبي ۾ جتي پڻ سنڌ جهڙيون حالتون هونديون هيون امن امان صفا ٺيڪ ڪونه هوندو هو اتي هن اها ڳالهه ڄاڻائي هئي ته هن بهار ۾ امن جوڊيشري وسيلي پراسيڪوشن ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪري ڪرايو هو. نتش ڪمار هڪ ٻي ڳالهه ڪئي هئي سا هئي ته بهار ۾ اسان سٺي ڊولمينٽ ڪرائي هئي يعني روڊ رستن جو بنا اسپڊ بريڪرن وارا رستا شاندار انفراسرڪچر جنهن سان امن قائم ڪرڻ سولائپ ٿي هئي اهو ئي سبب آهي ته نتيش ڪمار مسلسل ٽي ڀيرا بهار جو وڏو وزير مقرر ٿيو جن ضلعن ۾ امن قائم صفا به نه آهي مثال وٺون ته اتي ڪهڙيون شيون آهن، ۽ ڪهڙيون شيون نه آهن ڇا اتي نوجوانن کي اسپورٽس جو سرگرميون ڪرڻ لاءِ راندين جا ميدان آهن. ڇا انهن شهرن ۾ تفريحي پارڪ آهن، ڇا انهن شهر ۾ شاندار سينيمائون آهن انهن شهر ۾پڇا ڪرائيندو ته اهڙيون شيون اڻ لڀ ملنديون. مثال طور ڪنڌڪوٽ ۾ ريلوي نظام هوندي ريل ٽريڪ مسلسل پنج سال بند هو جنهن تي به نان ائرڪنڊيشن هڪ ريل خوشحال خٽڪ هلندي هئي سا تازو بحال ٿي آهي. جيڪا اٺ اٺ ڪلاڪ ليٽ پهچي اچي وڃي ٿي.ان ڪشمور وايا ڪنڌڪوٽ جيڪب آباد ريلوي ٽريڪ تي هڪ کان وڌيڪ ائرڪنڊيشن ريلون هئڻ گهرجن، لڳ ڀڳ 20 سالن کان مٿي ٿيا هوندا ته ڪنڌڪوٽ ۾ سينمائون بند پيل آهن اتي چار چار ائرڪنڊيشن سينيمائون هئڻ گهرجن، شايد اها ڳالهه دوستن کي عجيب لڳي پر امن رڳو پوليس نه ڪرائيندي امن ڪرائڻ لاءِ شهرن ۾ امن جو ماحول هئڻ ضرور ٿئي ٿو هڪ راءِ اها به آهي ته امن ڪرائڻ لاءِ سنڌ ڪابينا جو مهيني ۾ هڪ اجلاس ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ به ٿيڻ گهرجي ته جئين ماڻهن کي احسان ٿئي ته سرڪارون امن ڪرائڻ لاءِ سنجيده آهن. شڪارپور کان ڪشمور ويندي اڃا تائين به نيشنل هاءِ وي ڊبل نه ٿي سگهيو آهي سنگل انڊس هاءِ وي آهي سو به ڀڳل ٽٽل اتي کپن شاندر روڊ رستا سي به عالمي سطح جا . شهرين کي اهو احساس نه هئن گهرجي ته اسان جي ننڍن ضلعن ۾ ڊولپمينٽ نالي ڪا شي نه آهي