مهانگائي ۽ ٻين خرچن کي نظر ۾ رکندي حڪومت محسوس ڪيو ته پارليامينٽرين جون پگهارون وڌايون وڃن،سو هلندڙ مالياتي سال جي بجيٽ ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمن جي پگهارن ۾ پنج سئو سيڪڙو اضافي جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن تي جنوري2025 کان عمل شروع ٿي ويو۔4مئي2025 تي صدرمملڪت آصف علي زرداري وفاقي وزيرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ 140في سيڪڙو تائين اضافي جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو۔حڪومت هن سال قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 300في سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني۔پارليامينٽ جي هڪ ميمبر جي ماهوار پگهار هڪ لک 80هزار مان وڌائي 5لک 19هزار روپيا ڪئي وئي ۽ ٻيون مراعتون تنهن کان سواءِ. معزز ايم اين ايز جو مطالبو هو ته سندن ماهوار پگهار 10لک روپيا مقرر ڪئي وڃي پر اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق انهن جو اهو مطالبو رد ڪري ڇڏيو۔پارليامينٽ ۽ اسيمبلين جا اسپيڪر،چيئرمن،وزير،مشير ۽ ميمبر جيڪي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري انهن معزز ادارن ۾ پهچن ٿا سي گهڻو ڪري مراعات يافته طبقي سان تعلق رکن ٿا انهن مان شايد ئي اهڙو ڪو هجي جيڪو موجوده مهانگائي،تيل،گئس ۽ بجلي جي وڌندڙ اگهن کان متاثر ٿيندو هجي يا پنهنجي گهر،صحت ۽ ٻچن جي تعليم بابت پريشان هجي۔ انهن سڀني فڪرن کان هو آجا آهن.
ان بي فڪري جو هڪ مثال هتي عرض ڪندو هلان تازو وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه ايم پي اي نعيم کرل جي علاج لاءِ ست ڪروڙ روپيا منظور ڪيا آهن۔ هي فقط نعيم کرل لاءِ ست ڪروڙ روپيا نه پر پنهنجن اسپتالن تي عدم اعتماد جو اظهار پڻ آهي۔انهن فڪرن ۾ مبتلا ۽ پريشان حال آهي ته اهو سفيد پوش ملازم طبقو آهي،جنهن لاءِ اڳوڻو وفاقي وزير خزانه مفتاح اسماعيل چوي ٿو ته پگهاردار طبقي گذريل 9مهينن ۾ 391 ارب روپيا ٽئڪس ادا ڪئي آهي،جڏهن ته هن طبقي کانسواءِ ٻيا سرمائيدار وغيره ٽئڪس ادائگي ۾ گهوٻيون هڻڻ پنهنجو قومي فريضو سمجهن ٿا ۽ پگهاردار طبقي کان ٽئڪس ان جي پگهار مان ئي ڪٽي وڃي ٿي۔بجيٽ 2025-26 ۾ ملازمن سان پگهار جي معاملي ۾ بنه انصاف ڪونه ڪيو ويو ۽ هو ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد جي روڊن تي،پريس ڪلبن ۽ پارليامينٽ جي سامهون سراپا احتجاج رهيا،پر اسان ڏسون ٿا ته ملڪ ۾ ڪافي سالن کان حڪومتون ڪنهن به احتجاج تي ڪن نه ٿيون ڌرين پوء ڀلي اهي احتجاج ملازمن جا هجن،سول سوسائٽي يا سياستدانن جا هجن۔ڀلي پيا روڊن رستن تي دانهون ڪوڪون ڪن هڪ ئي پاليسي آهي ته ناهي ٻڌڻو يا طاقت جي زور تي دٻائي ڇڏڻو آهي۔ ايمانداري سان ملڪي ٽئڪس ۾ پنهنجو حصو ادا ڪندڙ ملازمن جي پگهار ڪجھ هن ريت وڌائي وئي جي ايئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته انهن سان مزاق ڪيو ويو.وفاقي حڪومت ته ڏهه سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس منظور ڪيو پر سنڌ جي وزيراعلي سيدمراد علي شاه ڪمال سخاوت جو مظاهرو ڪندي ان ۾ 2في سيڪڙو جو اضافو ڪندي 12 في سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس جو اعلان ڪيو۽ پينشن ۾ 8 في سيڪڙو اضافو ڪيو ويو.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪالھه ملازمن جي گڏيل اتحاد”سنڌ ايمپلائيز الائنس“پريس ڪلب سامهون پرامن احتجاج ڪيو هن احتجاجي ريلي جي اڳواڻي گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو مرڪزي صدر حاجي اشرف خاصخيلي ڪري رهيو هو۔اتحاد جا مطالبا هئا ته مهانگائي کي نظر ۾ رکندي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ پگهارون 70في سيڪڙو وڌايون وڃن،پگهارن جي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ مرڪز طرفان اعلانيل ڊسپيئرٽي الائونس 50في سيڪڙو ڏنو وڃي ۽ پگهارن مان انشورنس ڪٽي وڃي ٿي گروپ انشورنس رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ملازمن کي واپس ڪئي وڃي۔استاد ته نسلن جا معمار هوندا آهن انهن جو احترام اسان تي واجب آهي، استاد هڪ اهڙي شخصيت جو نالو آهي جنهن جو ذڪر ايندي ئي ڪنڌ ادب سان جهڪيو پوي پر جيستائين مون ڏٺو آهي ته حڪومت جو استادن سان ڪڏهن به سٺو سلوڪ نه رهيو آهي۔ ڪجهه ڏينهن ٿيندا هڪ سيمينار ۾ وزير تعليم سردار شاه استادن جي مقام ۽ مرتبي تي ڳالهائيندي ٽوڪيو جي هڪ يونيورسٽي جو واقعو پئي ٻڌايو جتي اردو ادب جو جڳ مشهور ليکڪ ۽ براڊڪاسٽر ابن انشاء اتان جي پروفيسرن سان ڪچهري ڪري جڏهن ٻاهر نڪتو ته پروفيسر ابن انشا کي احترام وچان گيٽ تائين ڇڏڻ پئي آيا هن محسوس ڪيو ته اسان جي پٺيان ڪجھ شاگرد اچن پيا، ابن انشا پروفيسرن کان پڇيو ته هي ڇا ماجرا آهي؟پروفيسرن ٻڌايو ته اسانجو پاڇو پٺيان آهي ۽ شاگرد احترام ڪندي استادن جي پاڇي تي پير ڏيڻ نه ٿا چاهن ان ڪري ٽپ ڏئي پيا گذرن۔ اهڙا مثال ٻڌائڻ وارن جا سڄي دنيا ٽيون ڏينهن افعال ڏٺا۔ واٽر ڪينن،رٻڙ جون گوليون،ڳوڙها آڻيندڙ زهريلي گئس،لٺبازي،گرفتاريون ڄڻڪ استاد نه پر ڪراچي ۾ ڪي دهشتگرد لٿا هجن۔ڇا ماڻهو هاڻي پنهنجن شهرن ۾ جائز ۽ پرامن احتجاج به نه ٿا ڪري سگهن۔جڏهن سنڌ حڪومت جي وزيرن جي آسرن ۽ دلاسن تي ڌرڻو ختم نه ٿيو ته ملازم سنڌ جي وزيراعلي ڏانهن دانهن ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته مٿن هر قسم جو تشدد ڪيو ويو چي اوهان ريڊزون ۾ داخل ٿي نه ٿا سگهو حيرت جي ڳالهه آهي اسانجو شهر،اسانجو وزيراعلي ۽ اسان لاءِ ريڊزون!!بهرحال سنڌ حڪومت پنهنجي ماضي وارين روايتن کي ورجائيندي ملازمن کي جن ۾ وڏو انگ استادن جو هو خوب تشدد جو نشانو بڻايو۔اختيارن اهو به ياد وساري ڇڏيو ته هي ايوان،بلندوبالا آفيسون ۽ ملڪي ڪاروهنوار هلائيندڙ انهن شخصيتن کي ان لائق استادن ئي بڻايو آهي۔ادارا انهن جي ئي دم سان آباد آهن۔