حڪومتي ۽ انتظامي نااهلي سبب زحمت بڻجندڙ چوماسي جون برساتون

سنڌ جي آسمان تي وسندڙ برساتي بادل ڪنهن نئين عذاب جو اشارو نه آهن، پر اها هر سال ايندڙ فطري موسم آهي، جيڪا حڪومت ۽ انتظاميا جي نوٽيس ۾ هوندي آهي. گذريل 26 جون کان شروع ٿيل چوماسي جي برسات جيڪا وقفي وقفي سان وسندي رهي آهي، ان هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي حڪومتي ۽ انتظامي نظام جي ناڪامي، غيرسنجيدگي ۽ غيرذميواري کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن جي گهٽين، رستن، گهرن ۽ مارڪيٽن ۾ بيهي رهندڙ برساتي پاڻي رڳو ماحولياتي تباھي جو منظر پيش نٿو ڪري، پر ان سان گڏ سنڌ جي حڪومتي ادارن جي بدانتظامي ۽ بيحسي جو به پرچار ڪري ٿو. ڪراچي کان وٺي حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، ٽنڊو آدم ۽ بدين تائين، لڳ ڀڳ هر ننڍي وڏي شهر ۾ نيڪال جو نظام ناڪام ٿي ويو آهي. شهرن جون گهٽيون ٻڏل، روڊ رستا ڄڻ ته درياهه بڻجي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ماڻهن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

الميو اهو آهي ته حڪومت ۽ انتظاميا اهڙي صورتحال لاءِ اڳواٽ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا. چوماسي جي برسات ڪو اوچتو آيل طوفان يا زلزلو نه آهي، جو ان لاءِ تياري نه وئي هجي. هيءَ ته هر سال جي موسم آهي، اهڙي حالت ۾ اڳواٽ منصوبابندي، ڊرينج سسٽم جي صفائي، نيڪال جي لائينن جي مرمت، ايمرجنسي ريسڪيو پلان جي تياري ۽ انتظامي عملي جي متحرڪ موجودگي ضروري هوندي آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ حڪومت ۽ مقامي ادارن پنهنجي روايتي سستي ۽ غير ذميواري کي هيل به برقرار رکيو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي  بي يارو مددگار  ۽ موسم جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو.هن وقت جيڪا صورتحال سنڌ جي شهرن ۾ نظر اچي رهي آهي، اها رڳو مينهن جي شدت سبب پيدا نه ٿي آهي، پر انهيءَ نظام جي ناڪامي سبب پيدا ٿي آهي، جيڪا وسيلن جي باوجود به عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سيوريج نظام اڳ ئي بوسيده ۽ ناڪاره هو، پر ان جي مرمت لاءِ فنڊ ته جاري ٿيا، پر ڪم رڳو ڪاغذ ۾ ڏيکاريو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عام برسات به آفت بڻجي وئي.

ڪجهه سال اڳ جڏهن چوماسي جي برسات تاريخي ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو هو، تڏهن سنڌ ۾ هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا هئا، ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ها ۽ ٻار، عورتون، بزرگ روڊن تي زندگي جا ڏينهن ڪاٽڻ تي مجبور بڻجي ويا هئا. ان تجربي مان ڪجهه به سکڻ بدران حڪومت ان ئي روش تي قائم رهي، جيڪا بيحسي، بي ڌياني ۽ سکڻن بيانن سان ڀريل هوندي آهي.گذريل خطرناڪ برساتن ۾ سوين گهر ڪري پٽ پئجي ويا هئا ۽ هزارين ماڻهو بي گهر بڻجي ويا هئا، سنڌ حڪومت سروي ڪرائڻ کان پوءِ شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ اسڪيم تحت متاثر ماڻهن کي گهرن جي اڏاوت لاءِ جيڪي قسطوار پئسا ڏيڻ جو شروع ڪيو هو، انهن مان اڃان تائين ڪيترائي گهر مڪمل طور تي ٺهي راس ناهن ٿيا، ڇاڪاڻ ته ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار جو پئسا ڏيڻ جو جيڪو طريقيڪار آهن ان تحت اهو ئي ممڪن ناهي ته ماڻهن جا اجها تڪڙو ٺهي سگهن، ان ڳالهه مان سمجهي سگهجي ٿو ته هيلوڪي مينهوڳي به سنڌ جي ماڻهن جا پراڻا ڦٽ تازا ڪري ڇڏيندي.

هن سال به جڏهن چوماسي جي برسات پئي ته سنڌ جا ڪيترائي علائقا برساتي ٻوڏ جي خطري هيٺ اچي ويا آهن. نه رڳو شهري علائقا، پر ٻهراڙي وارا علائقا به متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. زرعي زمينون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن، انهن حالتن ۾ جڏهن درياهن ۾ به پاڻيءَ جي سطح وڌي رهي آهي، ته درياهي ٻوڏ جو امڪان به وڌي ويو آهي. پر افسوس جو ڳالهه اها آهي ته آبپاشي کاتو، جيڪو واهن، بندن ۽ نالن جي حفاظت جو ذميوار آهي، انهن بندن جي مرمت بابت صرف فائيلن ۾ ڪم ڏيکاري رهيو آهي. جتي جتي بند ڪمزور آهن، اتي عملي مرمت، پٿر لڳائڻ، يا حفاظتي قدمن جي کوٽ نظر رهي آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏھن درياهي ٻوڏ اچي ٿي ته نتيجا ڪيڏا تباهه ڪن ٿي سگهن ٿا.

جڏهن چوماسي جون برساتون هر سال اينديون آهن، ته پوءِ هر سال اهي حڪومت لاءِ چيلنج ڇو بڻجن ٿيون؟ ڇا انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري ناممڪن آهي؟ ڇا هر سال ماڻهن کي ساڳي تڪليف مان گذرڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ ئي حڪومتي پاليسي آهي؟ جيڪڏهن حڪومت وٽ وسيلن جي کوٽ نه آهي، ته پوءِ اها وسيلن جي ورڇ ۽ منصوبابندي ۾ ناڪام ڇو آهي؟ ۽ جيڪڏھن وسيلن جي کوٽ آهي، ته پوءِ انهن وسيلن جي فراهمي لاءِ ڪو قومي يا بين الاقوامي منصوبو ڇو تيار نٿو ڪيو وڃي؟ اها به حقيقت آهي ته برساتن سان گڏوگڏ سنڌ کي درياهي ٻوڏ جو خطرو به آهي، خاص طور تي اهڙن علائقن ۾، جتي درياهه جي ڀر واري آبادي آهي. انهن علائقن ۾ اڳواٽ اطلاع ڏيڻ، ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ، ريسڪيو ٽيمون متحرڪ ڪرڻ ۽ امدادي سامان جي فراهمي لاءِ ڪو به منصوبو سامهون ناهي آيو. نظر اچي ٿو ته حڪومتي ادارا آخري لمحي تائين صورتحال جو انتظار ڪندا ۽ پوءِ جڏهن تباهي اچي ويندي ته سياسي بيان، ۽ نمائشي دورا ڪندا.سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي ته اهي محفوظ، صحتمند ۽ باوقار زندگي گذارين. پر ان لاءِ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ايمانداري سان نڀائڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.