برساتي موسمياتي تبديلين جو هڪ خوفناڪ پيغام

تحرير: رياض ابڙو 

پاڪستان ۾ گذريل ٻوڏ هڪ واضح ۽ خوفناڪ پيغام ڏيندڙ هئي ته تبديل ٿيندڙ موسم مستقبل ۾ وڌيڪ تباهي آڻيندي جنهن ۾ اسان جي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي سگهي ٿي، جنهن نتيجي ۾ گليشيئرز پگهرجي سگهن ٿا، سامونڊي پاڻيءَ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، ٻوڏون وڌيڪ اچي سگهن ٿيون، جنهن ۾ موجود نظام درهم برهم ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي جاري ڪيل رپورٽ به خبردار ڪيو ويو هيو ته نظام بهتر ڪيو ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ کي محفوظ بڻايو، جو عام ماڻهن جو گهڻي ۾ گهڻو نقصان بارشن ۽ قدرتي آفتن جي ڪري ٿئي ٿو. 2023 ۾ بارشن جي گهڻائي جي ڪري ڪجهه علائقا پاڻي هيٺ رهيا ۽ ڪجهه علائقا وري وڏي ٻوڏ واري صورتحال سبب تباهي جو شڪار ٿيا. آگسٽ 2023 ۾ قومي ايمرجنسي جو اعلان به ڪيو ويو هيو، وڏي ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ مون سون برساتن جي ڪري ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ رهيو هيو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا هيا، اقوام متحده 9 جنوري 2024 تي جنيوا ۾ موسمياتي ڏمرن تي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي هئي، جنهن ۾ دنيا اندر تبديل ٿيندڙ موسميات جي نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف شين تي غور ڪيو ويو هيو. ان دوران گڏيل قومن جي معاونت سان ڪيل مختلف مطالعاتي ۽ تحقيقي ڪمن جو حوالو ڏيندي ڪجهه شيون عام ماڻهن تائين پهچايون ويون هيون ته هيل ۽ ايندڙ بارشون ملڪ ۾ ڪيتري تباهي مچائي سگهن ٿيون. رپورٽ مطابق موسمياتي تبديليون ۽ مسلسل گرمي جي پد کي هڪ وڏو خطرو قرار ڏنو ويو هيو. تحقيقي رپورٽن ۽ موسمياتي تبديلين جي وقتي انتباھ جي باوجود به رياستن ڪي خاطرخواه قدم نه کنيا، جنهن سبب وڏي تباهي ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا اڃان به وڌيڪ ٿيڻ جو انديشو ۽ امڪان آهي ته غريب ملڪ اڃان به وڌيڪ متاثر ٿيندا.

گڏيل قومن جي رپورٽ ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن (ڊبليو ايم او) جي هڪ تازي مطالعي جو حوالو پڻ ڏئي ٿي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته گرمي جي لهر 2060 جي ڏهاڪي ۾ وڌيڪ گهڻي ٿي ويندي. (ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن هڪ گڏيل قومن جي موسمياتي ايجنسي آهي) ان جي مطابق موسمن جي تبديلي سخت سردي ۽ سخت گرمي هوندي، جنهن جا سبب ترقي يافتا ملڪن جي ترقي به آهي، جنهن جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۽ آباديءَ جي پيهھ کي گهٽائڻو پوندو. بدلجندڙ آبهوا سرد ۽ گرم موسمن جي لاءِ سنگين خدشا وڌائي ٿي، جنهن جي لاءِ رپورٽ ۾ وڌيڪ خبردار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي اهڙي رپورٽ گرين هائوس گيسن جو به حوالو ڏئي ٿي، جنهن ۾ ٽن خاص گيسز ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽرس آڪسائيڊ ۽ ميٿين جي رڪارڊ سطحن جو تفصيل ڏنل آهن، جنهن ۾ 40 سالن اندر هر سال انهن گيسن جي وڌ ۾ وڏو اضافو ٿيندو رهيو آهي، جيڪو انساني زندگي سان گڏ پاڻي ۽ خشڪي جي جيوت لاءِ به وڏي هاڃيڪار آهي. توڻي جو موسمي تبديلين جا اڻ ڳڻيا سبب آهن، جيڪي انساني روزمره جي زندگي، معاشي، معاشرتي سرگرمين ۽ تبديلين جا بنيادي عنصر مڃيا وڃن ٿا. ان ڪري انهن سڀني ثبوتن ۽ نتيجن کي ڏسي گهٽ ڪاربن واري معيشت ڏانهن هڪ شفٽ جي فوري ضرورت آهي.

دنيا جي وڏين معيشتن يوڪرين ۾ جنگ جي نتيجي ۾ توانائي جي بحرانن جو واضع ثبوت ڏنو آهي، جنهن ۾ رياستن جي لاءِ پراڻن پاور پلانٽس کي ٻيهر کولڻ ۽ نون تيل ۽ گئس فراهم ڪندڙن زخيرن جي ڳولا ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. گڏيل قومن جي اهڙي رپورٽ امير قومن کي ياد ڏياريو آهي ته جيڪڏهن اهي ماضيءَ ۾ توانائي ۾ سيڙپڪاري ڪن ها ته اهي تيل جي مارڪيٽ جي قيمت جي عدم استحڪام کان بچي سگهن هان، گهريلو مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ آبهوا جي عمل کي هڪ طرف رکڻ جو دليل به ڳرو آهي، ڇو ته صاف ۽ صحتمند ماحول تائين پهچ هڪ عالمي انساني حقن ۾ به شامل آهي. عام طور تي ماحولياتي ناانصافين کي گهٽائڻ، ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ماڻهن کي ماحولياتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ بااختيار بڻائڻ به سرڪاري فرضن ۾ شامل آهي. نومبر 2023 ۾ مصر ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس ۾ هڪ فنڊنگ ميڪينزم قائم ڪيو ويو هيو ته جيئن ڪمزور قومن کي موسمياتي آفتن جي ڪري نقصان ۽ ان جي معاوضي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ته جيئن غريب ۽ معاشي طور ڪمزور قومون ڏهاڪن کان اهڙي تحفظ جي لاءِ بحث ڪنديون رهيون آهن. اهو پڻ نوٽ ڪيو ويو آهي ته ٻين اهم مسئلن سان گڏ دونهين کي ختم ڪرڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 درجا سينٽي گريڊ تائين گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڏيڻو پوندو.

منصوبابندي واري وزارت ان وقت چيو هو ته 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جيڪي ڪنهن حد تائين حيران ڪندڙ انگ اکر ها. ان جو مطلب اهو هو ته اسان مان هر هڪ کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن فطرت طرفان متاثر ٿيل ماڻهن کي ڪجهه سُڪون حاصل ٿئي. هڪ اڌ ارب ڊالر جي مدد ان وقت بين الاقوامي تنظيمن پاران ڪيل مدد جي صورت ۾ ڪافي نه ها. اهو صرف بچاءُ واري مرحلي ۾ خرچ ٿي پئي سگهيا. حڪومت جي ڪاٿي ۾ اهو به هيو ته رڳو هڪ ڀيرو پاڻي گهٽجي ته بنيادي ڍانچي، فصلن ۽ جانورن جي نقصان جو صحيح اندازو واضح ٿي ويندو. پر اسان مان هر هڪ تي فرض هيو ته اسين اڳتي وڌون ها ۽ ادارن جي بي حسي سبب انهن متاثرن جي مدد ڪيون ها. مثال جيڪڏهن ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کان گذرسفر جو سامان ٻوڏن کسي ورتو هيو ته پوءِ انهن وٽ ڪم جي تلاش ۾ شهري مرڪزن ڏانهن وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هيو ته جيئن هو پنهنجي خاندان جو پيٽ پالي سگهن. لڏپلاڻ جي ان سطح جي ڪري هڪ وڏي خساري حڪومت جو ڌيان ڇڪايو، جو سماجي بدامني ۽ وبائن منهن ڪڍيو هيو. ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي ۽ ڪامياب فنڊ گڏ ڪندڙ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران مهم شروع ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو سمجهي پيو ته فنڊ گڏ ڪرڻ هڪ وڏي ذميواري آهي، جنهن کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، ته گڏ ڪيل هڪ هڪ پئسو جو حساب ڪتاب ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ڪم ڪير به نه ٿو ڪري سگهي. جيتوڻيڪ خان بعد ۾ هڪ بين الاقوامي اداري کي درخواست ڪئي هئي ته اهي بارشن جي متاثرين جي لاءِ امداد جو اعلان ڪن، ان وقت جي سرڪار بعد ۾ ايم ايف کي خط لکيو هيو ته اهي ڪهڙي صورت امداد ڪن يا آءِ ايم ايف جي رهيل قسط جي ادائگيءَ ۾ رعايت ڪن، ان ڪري ته ان وقت جي حڪومت بارشن ۽ ٻوڏون جي ڪري ادا نه ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.