عام طور تي گهر ۾ استعمال ٿيندڙ دوائن ۾ دماغي صحت جا انوکا فائدا دريافت!

هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته عام دوائون جهڙوڪ اسپرين ۽ آئبوپروفين دماغي بيماري ڊيمنشيا کان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.

محققن جرنل آف دي امريڪن جيريئٽرڪس سوسائٽي ۾ رپورٽ ڏني آهي ته اهي دوائون دماغ جي حفاظت ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، ڇو ته اهي سوڄ کي گهٽائي ڊيمنشيا جو خطرو گهٽائين ٿيون.

تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو اهي دوائون ڊگهي عرصي تائين کائن ٿا، انهن ۾ ڊيمنشيا ٿيڻ جو خطرو 12 سيڪڙو گهٽجي ٿو.

سينيئر ماهر ڊاڪٽر ايم عرفان اڪرام پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جي مطالعي مان ثابت ٿيو آهي ته اينٽي انفلاميٽري (سوڄ گهٽائيندڙ) دوائون ڊيمنشيا خلاف حفاظتي اثر رکنديون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته هن نتيجي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ممڪن طور تي بچاءُ جون نيون حڪمت عمليون ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.