اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو چانهه شوق سان پيئندا آهن، ڪيترائي ماڻهو چانهه جا ايترا عادي ٿي ويندا آهن جو جيستائين اهي چانهه جو ڍُڪ نه هڻن ته کين سڪون ناهي ملندو.
اڪثر ماڻهو ذهني دٻاءُ گھٽائڻ ۽ موڊ کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ دوران چانهه پيئندا آهن ۽ چانهه پيئڻ جا ڪيترائي فائدا به آهن، ڇو ته ان ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ، فلاوين ٿري او ايل ۽ فليوونائڊز جھڙيون خاصيتون وڏي مقدار ۾ موجود هونديون آهن، اهي صحت جي ڪيترن ئي مسئلن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.
پر گهڻي چانهه پيئڻ سان صحت تي ناڪاري اثر به پئجي سگهن ٿا، ان لاءِ ماهر محدود مقدار ۾ چانهه پيئڻ جي صلاح ڏيندا آهن.
هاڻ سوال اهو آهي ته ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا چانهه پيئڻ گهرجي؟
ماهرن موجب هڪ شخص کي 24 ڪلاڪن ۾ ٻه يا ٽي ڪوپ چانهه پيئڻ گهرجي پر جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿئي، جتي توهان کي نه چاهيندي به چانهه پيئڻي پئي ته کير واري چانهه پيئڻ کان پاسو ڪيو، ڇو ته کير واري چانهه پيئڻ سان پيٽ جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
Prev Post
You might also like