اُها عام خوراڪ جيڪا دل جي بيمارين ۽ ڪينسر جو شڪار بڻائي سگهي ٿي

جيڪڏهن توهان دل جي بيمارين، دل جي دوري ۽ ڪينسر کان پاڻ کي محفوظ رکڻ چاهيو ٿا ته گيهه جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪريو ۽ ان جي جاءِ تي ويجيٽيبل آئلز کي ترجيح ڏيو.
اهڙو انڪشاف آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق دوران سامهون آيو.
جاما انٽرنل ميڊيسن رسالي ۾ شايع ٿيل بريگهم اينڊ وومينز اسپتال جي تحقيق موجب، گيهه گهٽ ۽ ويجيٽيبل آئلز وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان وقت کان اڳ موت جو خطرو 17 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو، جڏهن ته ڪينسر ۽ دل جي بيمارين کان بچاءُ ۾ به مدد ملي ٿي.
تحقيق دوران 2 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو، جن جي صحت ۽ غذائي عادتن جي 30 سالن تائين ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي.
تحقيق ۾ هر چوٿين سال انهن ماڻهن کان سوالناما ڀرايا ويا ته هنن گذريل سال ڪهڙيون خوراڪون ڪيتري مقدار ۾ استعمال ڪيون.
تحقيق ۾ شال ماڻهن جي طرز زندگي، جسماني وزن، مشق، سگريٽ پيئڻ، شراب واپرائڻ، شوگر، ڪينسر ۽ دل جي بيمارين جي خانداني تاريخ کي به نظر ۾ رکيو ويو.
نتيجن موجب، جيڪي ماڻهو روزانو وڌيڪ مقدار ۾ گيهه استعمال ڪن ٿا، انهن ۾ وقت کان اڳ موت جو خطرو 15 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.
ان جي ابتڙ، جيڪي ماڻهو سويا بين، ڪينولا ۽ زيتون جو تيل استعمال ڪندا آهن، انهن ۾ وقت کان اڳ موت جو امڪان 16 سيڪڙو گهٽ هوندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته تحقيق جو واضح پيغام اهو آهي ته گيهه جو استعمال گهٽ ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪينولا، سويا بين ۽ زيتون جي تيل کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن صحت تي هاڪاري اثر پئجي سگهن.
ماهرن اها به وضاحت ڪئي ته گيهه کي مڪمل طور ڇڏڻ جو مشورو نه پيو ڏجي، پر ان جي مقدار کي گهٽ رکڻ ۽ نباتاتي تيل جي استعمال کي وڌائڻ صحت لاءِ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو.
هنن اهو ناهي ٻڌايو ته ڪهڙي مقدار ۾ گيهه جو استعمال بي ضرر آهي، پر اهو ضرور چيو ته جيترو گهٽ هجي، اوترو بهتر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.