موجوده دور ۾ صورتحال ڪجهه مختلف آهي. اڄ سنڌ جي نوجوانن جي وڏي تعداد سرڪاري نوڪري کي سڀ کان وڏي ڪاميابي سمجهي ٿي. سرڪاري ملازمت جا خواهشمند نوجوان سالن تائين تياري ڪندا آهن، پنهنجي خاندان جا وسيلا خرچ ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن قرض وٺي پنهنجا قيمتي اثاثا به وڪڻي ڪوششون جاري رکندا آهن. پر سرڪاري خالي جاين جي محدود تعداد سبب تمام ٿورن ماڻهن کي روزگار ملي ٿو. جيڪڏهن اسين رڳو سرڪاري نوڪري کي سڀ ڪجهه سمجهنداسين ته لکين نوجوان پنهنجون توانائيون ضايع ڪندا رهندا ۽ معيشت ۾ اها تبديلي نه اچي سگهندي، جنهن جي اسان کي اشد ضرورت آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا نوجوان پنهنجون توانائيون ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار، يعني SME، ڏانهن مرڪوز ڪن. دنيا ڀر ۾ SME کي روزگار پيدا ڪرڻ، غربت گهٽائڻ ۽ مقامي معيشت کي مضبوطي ڏيڻ جو سڀ کان ڪامياب ۽ مستند ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. هڪ بين الاقوامي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ سڀني ڪاروبارن جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو SME تي مشتمل آهي، جيڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهن ۽ ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ به انهن ڪاروبارن سان لکين ماڻهن جي روزي هلندي آهي. سنڌ ۾ هنر مند ماڻهن جي ڪمي ڪانهي. ٽنڊو آدم جا ڪپڙا، ٺٽو جي مڇي، خيرپور جون کارڪون، لاڙڪاڻي جون ڀاڄيون، گھوٽڪي جا پيڙا، شڪارپور جو آچار ۽ هالا سنڌ جي دستڪاري جو مرڪز آهي، جتي ڪاشي، ڪپڙو، رليون، ڪاٺ جي نقش ڪاري ۽ ڀرت جو ڪم وڏي شهرت رکن ٿا. اهي سڀ ڪاروبار اڳ ئي مختلف شڪل ۾ ٿي رهيا آهن، پر موجوده حالتن ۾ انهن کي جديد طريقي سان وڌائڻ ۽ عالمي معيار تي آڻڻ جي وڏي ضرورت آهي.
اڄ جو دور مقابلي ۽ جدت جو آهي، ۽ اسان وٽ هي موقعو موجود آهي ته انهن روايتي ڪاروبارن کي ٽيڪنالاجي، جديد پروسيسنگ، معياري پيڪنگ ۽ مارڪيٽنگ ذريعي نون مارڪيٽن تائين پهچايو وڃي. مثال طور ٿر ۾ ٻڪريون، رڍون ۽ اٺ پالڻ ۽ انهن جو کير ۽ گوشت وڪڻڻ عام آهي، پر انهن مان ڪوالٽي سرٽيفائيڊ گوشت، لوڪل برانڊڊ کير جون شيون، ۽ اون مان جديد پراڊڪٽ ٺاهي سگهجن ٿيون جيڪي وڏي شهرن ۽ برآمدي مارڪيٽن ۾ وڪامڻ جو پوٽينشل رکن ٿيون. ساڳي ريت سنڌ ۾ انب هر سال ٿيندو آهي، پر جيڪڏهن جديد ٿڌي اسٽوريج، کولڊ چين ٽرانسپورٽ، برانڊنگ ۽ پيڪنگ سينٽر قائم ڪيا وڃن ته سنڌ جا انب بين الاقوامي مارڪيٽن تائين پهچي سگهن ٿا. ان کان علاوه جوس، مربي، اچار ۽ ٻين بائي پراڊڪٽس تي ڌيان ڏنو وڃي ته مقامي معيشت ۾ وڌيڪ قدر وڌائي سگهجي ٿي.
سنڌ ۾ SME جي فروغ لاءِ حڪومت ڪيترائي موثر قدم کڻي سگهي ٿي. نوجوانن کي بنا وياج يا گهٽ وياج تي قرض فراهم ڪرڻ، ننڍن ڪاروبار جي تربيت جا مرڪز قائم ڪرڻ، ڪاروبار شروع ڪرڻ جو عمل آسان ۽ شفاف بڻائڻ ۽ مارڪيٽ تائين پهچ ۾ مدد ڏيڻ اهي عملي قدم آهن جن سان هزارين نوان ڪاروبار پيدا ٿي سگهن ٿا. خاص طور تي عورتن لاءِ مخصوص مالي اسڪيمون شروع ڪري انهن جي معاشي شرڪت وڌائي سگهجي ٿي. اهي قدم ان ڳالهه جو ثبوت هوندا ته حڪومت پنهنجي نوجوان نسل کي بااختيار بڻائڻ ۾ سنجيده آهي.
ان ڳالهه کي سمجهڻ تمام ضروري آهي ته جيڪڏهن اسين رڳو سرڪاري نوڪري کي ڪاميابي جي نشاني سمجهندا رهنداسين ته نوجوانن جي وڏي تعداد مايوسي ۽ مالي مشڪلاتن جو شڪار رهندي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن پنهنجي محنت ۽ هنر تي ڀروسو ڪري ڪاروبار جي راهه اختيار ڪندا ته هو خودمختياري ۽ عزت واري زندگي گذاري سگهندا. هڪ ننڍڙي ڪاروبار جي ڪاميابي رڳو خاندان جي زندگي نه پر آس پاس جي ماڻهن لاءِ به موقعا پيدا ڪندي آهي. ان ڪري اڄ سنڌ جي نوجوانن کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ پنهنجن هٿن سان لکندا آهن.
عظيم هڪڙو