شهيد يوسف جکراڻي جي ياد ۾

تحرير: ستار زنگيجو

جون مهيني هلندي سال 2025ع  ۾ سنڌ جي هڪ ارڏي بهادر قومي پرست اڳواڻ شهيد يوسف جکراڻي جي33 هين ورسي هئي، 16جون 1992ع سندس شهادت جو ڏهاڙو آهيان حوالي سان ڪو سياسي پروگرام ته نه ٿيو  پر سوشل ميڊيا تي ڪجهه دوستن شهيد يوسف جکراڻي بابت پنهنجون يادگيريون ۽ شهيد يوسف جکراڻي جو تصويرون شيئر ڪيون آهن،ڪشمور جو ذڪر جڏهن به ايندو آهي ته سياسي ڪارڪنن جي ذهنن ۾ سندس ضرور ياد ايندو آهي جنهن ڪشمور جي سياست ۾ قومپرستي، سيڪيولرازم جو بنياد وڌو  سوين سياسي ڪارڪن اتساهيا ۽ تيار ڪيا جيڪي اڄ تائين به سياسي عمل جو حصو آهن.

يوسف جکراڻي جو جنم آگسٽ 1947ع بخشاپور ويجهو ڳوٺ گلشير جکراڻي ۾ ٿيو. ميٽرڪ ڪشمور ۽ انٽر ڊگري ڪاليج سکر ۽ گريجويشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندي ئي يوسف جکراڻي قومپرست شاگرد سياست ۾ سرگرم ٿيو. مختلف وقتن ۾ قومپرست سياست  ڪري جيلن ۾ رهيو. ڄام ساقي ۽ ٻين سان جيل ۾ رهندي کاٻي ڌر جي سياست کي سمجهيو ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ڀرپور سرگرم ٿيو.بعد ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران محمد شاهه امروٽي ، هزار خان بجاراڻي سان گڏ گرفتار ٿيو، ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪشمور ضلعي ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو، يوسف جکراڻي سنڌ قومي اتحاد جي حمايت ۽ شيرباز مزاري جي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي پليٽ فارم تان 1988ع  ۾ چونڊن ۾ به بيٺو هو.

1991ع ۾ به هن سنڌ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان حصو ورتو هو ۽ بعد ۾ کيس ويهاريو ويو هو،

يوسف  جکراڻي  ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ قبيلائي  تڪرارن  جي خاتمي  لاءِ   جاکوڙيو  ۽  ھن  جي  راڄوڻي  ٺاهه ڏانهن وڌيڪ  ڪوشش  ھوندي  ھُئي  سندس  سوچ  وسيع  ھوندي  ھُئي، يوسف جکراڻي روايتن جو امين سياسي فرد هو. مقامي وڏيرن سياستدانن جي اک ۾ ڪنڊ هو جن جڏهن ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ بدمعاشي ڪرڻ کا روڪيو ته پنهنجي علائقي ۾ وڏيرن جو غريبن تي جبر برداشت نه ڪندو هو. چون ٿا سنڌ ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ آپريشن  هلندي ڪجهه جاپاني انجنيئر اغوا ٿيا هئا، يوسف جکراڻي کي به انيجنئر جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ لاءِ چيو ويو ۽ هن ڪوششون ورتيون ايتري ۾ اوچتو يوسف جکراڻي جي گهر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي چڙهائي ٿي هئي. يوسف  جکراڻيءَ  کي  ٻن  سياسي  ساٿين  دودي خان  نوحاڻي  ۽  ديدار  کوسي  سميت  گھر  ڀرسان  اسٽيشن  وٽان گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ شهيد ڪيو ويو هو. ان وقت   فقير محمد  لاشاريءَ  ايڊيٽوريل  يوسف  جکراڻيءَ  جو  حساب  ڏيو؟  ۾  لکيو  هو ته: ”سندس  لاش  سرڪاري ۽ رياستي تحويل   مان  مليو  آهي .“ سنڌ  جي  ھن  بھادر  انسان  جو  ايئن  بيدرديءَ  سان  شھيد  ٿيڻ  ھڪ  وڏو  سانحو  ھو،  جنھن  تي  سنڌ  جي  ڪيترن  ئي  شاعرن  شاعري  ڪئي هئي.

 

سنڌ ۾ فوجي آپريشن جي ڳالهه جڏهن به ٿيندي آهي ته 1992ع ۾ سنڌ ۾ امن ڪرائڻ لاءِ ٿيل فوجي آپريشن جي ڳالهه ضرور آڏو ايندي آهي 1992۾ ميان نواز شريف جو دور  هو ۽ سنڌ ۾ ڄام صادق جي وڏ وزارت هئي. ڄام صادق جي بيماري ڪارڻ سيد مظفر شاهه وڏو وزير مقرر ٿيوهو.

ان وقت مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي آهي ۽ فوجي آپريشن ڪيو وڃي. آپريشن دوران هڪ ٻيو مطالبو آڏو آيو هو ته آپريشن رڳُو ڪراچي ۾ ڇو پيو ٿئي ساڳو آپريشن ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف به ڪيو وڃي ان وقت سهڻي رسالي ۾ طارق اشرف لکيو هو ته ”اهو آپريشن سنڌ جي شعورخلاف ٿيندو ڌاڙيل اتي جو اتي قائم دائم رهندا“ .ٿيو به ائين ئي ساڳو آپريشن سنڌ جي ٻين شهرن مان ٿيندي قومپرست سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڏانهن  ان آپريشن  دوران خبرون اچڻ شروع ٿيو ته ڦلاڻو سياسي اڳواڻ گرفتار ٿي ويو  آهي فلاڻي سياسي اڳواڻ تي ٽارچر ٿيوآهي.

شهيد يوسف جکراڻي سنڌ جي قومي سياست جو  هڪ ارڏو ڪردار ۽ بهادر انسان هو.

شهيد يوسف جکراڻي جي شهادت جي خبر تي سائين جي ايم سيد روئي ويٺو هو. چيو وڃي ٿو ته شهيد يوسف جکراڻي جي شهادت سندس بهادري  ۽ مزاحمت سبب اڻٽر هئي.

هو جتي به هوندو پنهنجي ڳالهه ڪري ڏيندو هو.

شهيد يوسف جکراڻي ٽرينڊ سيٽر سياستدان هو هن ڪشمور ۾ امن ڪرائڻ لاءِ سياسي ڪارڪنن جو ڪاميٽيون ٺاهيون هيون. جيڪي  پهرا ڏينديون هيون جيڪو خيال شايد اڄ ڪنهنکي به ڪونھ ٿو اچي. سنڌ جي ڪاروباري واڻين کي ڊيرابگٽي جا ڌاڙيل اغوا ڪري ويندا هئا ته هن پنهنجي بهادري سان موٽرايا ۽ ڊيرا بُگٽي جي ماڻهن ۽ ان وقت بگٽي قبيلي جي مختلف سب ذاتين جي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ اچڻ تي بندش وڌي هئي.

شهيد يوسف جکراڻي ٽرينڊ سيٽر سياستدان هو هن ڪشمور ۾ امن ڪرائڻ لاءِ سياسي ڪارڪنن جو ڪاميٽيون ٺاهيون هيون. جيڪي  پهرا ڏينديون هيون جيڪو خيال شايد اڄ ڪنهنکي به ڪونھ ٿو اچي. سنڌ جي ڪاروباري واڻين کي ڊيرابگٽي جا ڌاڙيل اغوا ڪري ويندا هئا ته هن پنهنجي بهادري سان موٽرايا ۽ ڊيرا بُگٽي جي ماڻهن ۽ ان وقت بگٽي قبيلي جي مختلف سب ذاتين جي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ اچڻ تي بندش وڌي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.