ظھران ممدااڻي جي2025 جي نيويارڪ جي ميئر جي پرائمري سطح جي فتح کي نھ تھ رڳو سياست ۾ سڃاڻپ سمجھيو پيو وڃي ۽ نه ئي اها صرف "مسلم ووٽ” جي بنياد تي ملي آهي. نيويارڪ ۾ مسلم آبادي صرف 10 کان 12 سيڪڙو آهن، ۽ اهي بھ مختلف مسلڪن ۽ فرقن ۾ ورهايل آهن ۽ جيڪڏھن اھا پوري برادري گڏجي کيس ووٽ ڏئي ھا، تڏهن به هو پهرين چوائس جا ووٽ حاصل نه ڪري سگهي ھا. جيڪي ڪل ووٽن جو 43.5 سيڪڙو ٿين ٿا.نيو يارڪ شهر جي ڊيموڪريٽڪ ميئر پرائمري چونڊن ۾ زهران ممداني 4لک 32 ھزار 503 ووٽ حاصل ڪيا. جيڪي ڪل ووٽن جو 43.51 سيڪڙو ٿين ٿا.جڏھن تھ اينڊريو ڪومو 3 لک 61 ھزار 480 ووٽن کنيا.جيڪي 36.42 سيڪڙو ٿين ٿا.
ڪومو نيويارڪ جو هڪ مشهور سياستدان آهي ۽ ڏهه سالن تائين رياست جي گورنر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، 2021 ۾ جنسي هراساڻي جي الزام سبب مستعفي ٿيو ھو.انهن ٻن وڏن اميدوارن کان علاوه، بريڊ لينڊر کي ھڪ لک 12 ھزار 349 ووٽ (11.31 سيڪڙو) مليا ۽ ايڊرين ايڊمز کي 40 ھزار 953 ووٽ (4.12 سيڪڙو) مليا. ٻين اميدوارن کي گڏيل طور تي 46 ھزار 099 ووٽ ووٽ يا 4.64 سيڪڙو ووٽ مليا.ڪل 9 لک 93 ھزار 546 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. ممداني کي ڪومو تي 70 ھزار کان وڌيڪ ووٽن جي برتري حاصل آھي. جيڪو شهري ڊيموڪريٽڪ ووٽرن ۾ ترقي پسند ۽ جنگ مخالف رجحان جو واضح اشارو آهي.
حقيقت ۾ ظهران ممداڻي جي مهم آمريڪي سياست ۾ اخلاقي ۽ سياسي بغاوت جو پهريون ڪامياب ۽ کليل اظهار آهي، جنهن ۾ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل نوجوانن جو هڪ وڏو پر خاموش طبقو شامل آهي جيڪو ڊگهي عرصي کان ڊيموڪريٽڪ پارٽي اندر دٻيل رھيو آھي، خاص طور تي اسرائيل ۽ غزه جي حوالي سان آمريڪي پرڏيهي پاليسي جي پس منظر ۾ ان کي ڏسي سگھجي ٿو.انھن نوجوان غزه جي حمايت ڪرڻ تي آمريڪي يونيورسٽين ۾ شاگردن خلاف پوليس جي ظلم کي ڏٺو آهي. آخرڪار، نوجوانن جي ڪاوڙ ٻاھر نڪرڻي ھئي.
ممداڻي، ھڪ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾سوشلسٽ ڌڙي سان واسطو رکي ٿو ۽ آمريڪا جي حمايت يافته اسرائيلي فوجي ڪاررواين جو ڊگهي عرصي کان نقاد آھي، ھن هڪ اھڙو منشور پڻ پيش ڪيو آھي جيڪو آمريڪي سماج ۾ معاشي انصاف کي غزه تي بمباري جي خلاف هڪ ٺھڪندڙ اخلاقي موقف سان ڳنڍيو آھي.مشھور اخبار،دي گارڊين، 22 جون تي پنهنجي رپورٽ ۾ ھن جي فتح کي "هڪ شاندار تبديلي” قرار ڏنو. جيڪو "اسرائيل بابت ڊيموڪريٽس جي اندر موجود اتفاق راءِ ۾ گهري ڏار.“ کي ظاھر ڪري ٿو.
ظهران ممداڻي ڪو غير سنجيده يا سکڻو اميدوار نه هو، هن هزارين رضاڪارن تي ٻڌل گراس روٽ مهم جي اڳواڻي ڪئي، جيڪا نيويارڪ شھرين لاءِ سستي رهائش، صحت جي سار سنڀال ۽ جنگ مخالف اصولن تي ٻڌل هڪ مربوط سياسي نظريو کڻي آئي. هن سان گڏ جتي نيو يارڪ ۾ مختلف اقليتي گروهن جا نوجوان شامل ھئا، اتي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ ٽيڪنيڪل ادارن جا شاگرد پڻ گڏ هئا. ھي نوجوانن جي اينٽي اسٽيبلشمينٽ لهر آھي جيڪا اڀري آهي.
تازو نيويارڪ جي ميئر جي چونڊ بابت سياسي تجزيه نگارن واضح ڪيو آهي ته غزه بابت ظهران ممداڻي جو موقف سندس ڪاميابي جو مکيه سبب آھي. ويب سائيٽ (Vox.com) پنهنجي 25 جون 2025 جي رپورٽ ۾ لکيو ته "ممداڻي جي مهم هائوسنگ ۽ صحت جي سار سنڀال جهڙن عوامي مسئلن تي کاٻي ڌر جي مقبول سياست کي غزه جي جنگ کي ان جي اصل نالي سان سڏڻ جي همت جوڙيو آھي ۽ اها ئي ڳالھھ ھئي جنھن ھن کي باقي اميدوارن کان ممتاز بڻايو.”
سياسي تجزيھ ڪار رولا جبرئيل واشنگٽن پوسٽ کي ٻڌايو تھ "غزه جي جنگ هاڻي صرف هڪ پرڏيهي پاليسي جو مسئلو نھ رھي آھي. اها ھاڻي نوجوان آمريڪي ووٽرن، جنھن ۾ يھودي بھ شامل آھن.انھن لاءِ ھڪ اخلاقي ورهاست جو ليڪو ڪڍڻ آهي“ .هي نسلي، نسلياتي ۽ نسلي حدن کان مٿي جو ردعمل آھي . جنهن ۾ ترقي پسند يهودي، اقليتي گروهه، نوجوان ووٽرز، مسلمان ۽ پورهيت طبقي جا لاطيني شامل آهن. جيڪ ممداڻي جي اتحاد جو هڪ بنيادي حصو آهن.ڇاٻي ڌر جي مشھور ميگزين جيڪوبن ليکو آھي تھ ” جيڪڏھن سندس رضاڪار نھ ھجن ھا تھ ممداڻي صرف هڪ سٺي ڪهاڻي هجي ها، پر انھن هزارين رضاڪارن سان، هو هڪ سنجيده اميدوار بڻجي ويو،” .
ممداڻي جو پيغام خاص طور تي انهن ووٽرن ۾ مقبول بڻيو، جيڪي غزه تي ٻهني جماعتن جي خاموشي کان مايوس ٿي ويا هئا.خود ممداڻي چيو: "جڏهن مون فلسطيني انساني حقن بابت آواز بلند ڪيو ، تھ اھو مون ان يقين سان ڪيو ته جيڪڏھن انصاف سڀني لاءِ نھ ھوندو آھي تھ اھو انصاف نھ رھندو آهي.” هن قسم جي اخلاقي چٽائي خاص طور تي ان شهر ۾ جيڪو ڊگهي عرصي کان فاشسٽ اسٽيبلشمينٽ جي اثر هيٺ رھيوآهي، عوام لاءِ تمام گهڻي پرڪشش ڳالھھ ثابت ٿي.
اھا ڊيموڪريٽڪ پارٽي اندر وچٿري سوچ ۽ کاٻي ڌر جي وچ ۾ وڌندڙ ٽڪراءَ جو هڪ مظهر پڻ آهي، جتي اسرائيل جي لاءِ غير مشروط حمايت کي هاڻي نوجوان ۽ مختلف طبقي جا ووٽر کليل طور تي چئلينج ڪري رھيا آھن. اهو نه وسارجو ته نيويارڪ آمريڪا ۾ يهودي آبادي جو سڀ کان مضبوط شھر پڻ آهي، پر ان شھر جي رهواسين هر طاقتور خلاف ووٽ ڏنا آھن،ايتري قدر جو يهودي برادري جي کاٻي ڌر جي نوجوان به ممداڻي کي ووٽ ڏنا آھن.
دي ائٽلانٽڪ ۾ لکندي، پيٽر بينارٽ نوٽ ڪيو ته ممداڻي جي فتح غزه تائين محدود نه هئي. اها”ڊيموڪريٽڪ پارٽي اندر اسرائيل تي اختلاف راءِ جي ڳلي گھٽڻ جي خلاف هڪ ڪامياب بغاوت هئي.” ۽ اها صرف شروعات ھجي، ٿي سگهي ٿو منيپولس، شڪاگو، سان فرانسسڪو، ۽ ڊيربورن جهڙن شهرن ۾ پڻ اهڙي طرح ڪي سياسي لهر ڏسڻ لاءِ ملي رھي آھي. هڪ اهڙي لهر جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي سياست کان بيزاري ۽ ان جي اميدوارن لاءِ جوش نمايان آهي جيڪي غزه جي مسئلي تي ڳالهائڻ ۽ آواز اٿارڻ لاءِ تيار آهن.
نيو يارڪ ٽائمز جي ڪالم نگار جميل بوئي ان بحث مان ھي نتيجو ڪڍيو: "جيڪڏهن توهان 2025 کي سمجهڻ چاهيو ٿا، ته ڏسو ته نيو يارڪ ۾ ڇا ٿيو . جيڪڏهن ڊيموڪريٽس ان تبديلي کي نظرانداز ڪندا ،تھ ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.” ممداڻي جي فتح هڪ تنبيهھ بھ ۽ هڪ مثال بھ آهي. اها ظاھر ڪري ٿي ته فلسطيني حقن جي حمايت هاڻي ترقي پسندن لاءِ سياسي بار نه رهي آهي، بلڪھ مناسب قيادت هيٺ هڪ ڪامياب چونڊ حڪمت عملي ٿي سگهي ٿي.
اهي چونڊون شايد آمريڪا ۾ قومي رجحان جي عڪاسي نه ڪنديون ھجن، پر اهي ايترو پيغام ضرور ڏين ٿيون ته جڏهن ھڪ طرف اولھھ سماجن ۾ قوم پرستي ۽ مهاجر مخالف رجعت پسندي وڌي رھي آهي،تھ اتي ڪجهه هنڌن تي کاٻي ڌر جا اھڙا رجحان سگھارا ٿي رھيا آھن جيڪي سڀني کي گڏ کڻي ھلڻ ۾ يقين رکن ٿا، هتي هڪ ڳالهه مختصر طور تي چئي سگهجي ٿي، ڪجهه پاڪستاني ماڻھو لنڊن جي صادق ۽ نيويارڪ جي ممداڻي کي هڪجهڙو سمجهي رهيا آهن. پر جيستائين لنڊن جي ميئر صادق ليبر پارٽي جي اسٽيبلشمينٽ جو اڳواڻ آهي، ممداڻي ڊيموڪريٽس جو انٽي اسٽيبلشمينٽ اڳواڻ آهي ۽ اهو هڪ تمام وڏو فرق آهي.