هاءِ ڪورٽ ٻن جوابدارن کي ڏنل ڦاسي جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

 ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اغوا ڪرڻ ڀنگ وٺڻ  جي الزام هيٺ سزاءِ موت خلاف اپيلن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، اغوا ڪري ڀنگ جي رقم جي الزام ۾ سزا موت وارين اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي جوابدارن سبحان محبوب ۽ عباس بنگش جون اپيلون منظور ڪري ورتيون، عدالت دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ڏنل ڦاسيءَ جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻي ڪيس ۾ گهربل ناهن ته کين فوري طور آزاد ڪيو وڃي، پراسيڪيوشن مطابق جوابدارن سال 2020ع ۾ گلشن حديد واري علائقي مان عورت عزيزه اختر کي اغوا ڪري ڀنگ لاءِ رقم گهري ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدارن جي وڪيل محمد فاروق ايڊووڪيٽ جو موقف هو ته فريادي ڌرين وچ ۾ پنج لک رپين جي رقم جو معاملو هو، جوابدارن ڪڏهن به ڀنگ جي گهر نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.