ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ پنهنجي وڊيو بيان ۾ سنڌ ۾ برساتن سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن ۽ انتظامي نااهلي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اڳي ماڻهن کي برساتن جو انتظار هوندو هو، برسات رحمت سمجهي ويندي هئي، پر هاڻ ساڳي برسات سنڌ واسين لاءِ زحمت بڻجي وئي آهي، جنهن جو ذميوار صرف سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن آهي، گذريل رات ڪراچي ۾ برسات سبب ڪرنٽ لڳڻ سميت ٻين واقعن ۾ 7 شهري فوت ٿيا، جنهن جي پوري ذميواري ڪي اليڪٽرڪ، پيپلزپارٽي جي مافيا حڪومت ۽ غير ذميوار مڪاني ادارن تي عائد ٿئي ٿي، ماڻهن جي جان سان کيڏڻ سنڌ ۾ معمول بڻجي ويو آهي، ميئر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت عوام کي ڏکيائين ۾ وجهڻ جا ذميوار آهن ۽ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن.