ڪراچي ۾ برسات باوجود بجلي نظام بحال آهي: ڪي اليڪٽرڪ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شهر جي برسات متاثر علائقن ۾ بجلي جي بحالي جي حوالي سان ڪي اليڪٽرڪ هڪ اهم بيان ڏنو آهي،جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 2100 مان 1960 کان وڌيڪ فيڊر فعال آهن، ڪي-اليڪٽرڪ جو بجلي جي ورڇ جو نظام مستحڪم آهي، هن وقت ڪراچي کي 2100 مان 1960 کان وڌيڪ فيڊرز مان بي ترتيب بجلي جي فراهمي ملي رهي آهي، ڪي-اي جي فيلڊ ٽيمن جي ڪليئرنس کان پوءِ برسات متاثر علائقن ۾ بجلي جي بحالي جو عمل جاري آهي، جيڪي علائقا هن وقت بحال ڪيا پيا وڃن انهن ۾ يوسف ڳوٺ، گلشن معمار سيڪٽر ايڪس، وائي يا زي، معين آباد، يثرب ڳوٺ، گلستان جوهر بلاڪ 3، 14 ۽ 15، مسلم راجپوت ڪالوني ۽ شاهه فيصل ڪالوني نمبر 5 شامل آهن. ان کان سواءِ نارٿ ڪراچي سيڪٽر 12 سي ۾ به بجلي بحال ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سعادت ڪالوني، رحمان آباد، سائيٽ سپر هاءِ وي، رحمان آباد، مرغي خانه لياقت آباد، قائد آباد ۽ ايف بي ايريا بلاڪ 22 شامل آهن،  حفاظتي پروٽوڪول جي طور تي، هيٺاهين وارن علائقن ۽ انهن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي جتي تجاوزات ۽ کڏن مان بجلي چوري ٿي رهي آهي، جڏهن ته، ڪي اي جو عملو باقي علائقن ۾ فراهمي مڪمل طور تي بحال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.