محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي انتظام، فوج ۽ سول آرمڊ فورسز مقرر

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي حڪومت محرم الحرام دوران سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ملڪ ڀر ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت مختلف علائقن ۾ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فوج جي مقرري بابت تفصيلون لاڳاپيل اختيارين سان مشاورت سان طئي ڪيون وينديون، جڏهن ته فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي مقرري غير معياد لاءِ ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب، محرم الحرام جي دوران سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هي فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوج کي واپس وٺڻ جو معاملو پڻ لاڳاپيل اختيارين سان مشاورت کان پوءِ طئي ڪيو ويندو، ۽ فوج جي مقرري جون جزوي تفصيلون موقعي جي حالتن کي نظر ۾ رکندي طئي ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.