سرڪاري درسي ڪتاب وڪڻندڙ آفيسر ۽ عملو معطل

ڪراچي(رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه نصيرآباد ۾ مفت سرڪاري درسي ڪتابن جي وڪري جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسر ۽ عملي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي وزير جي هدايت تي درسي ڪتابن جي مبينا وڪري جي الزام هيٺ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر نصيرآباد ۽ اسسٽنٽ ويئر هائوس کي معطل ڪيو ويو آهي، مفت سرڪاري درسي ڪتابن جي وڪري ۾ ملوث آفيسرن ۽ عملي خلاف ايِفِشينسي اينڊ ڊسيپلينري رولز تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مفت ڪتابن تي شاگردن جو حق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.