اسلام آباد/تهران (امتياز گل)سيز فائر کانپوءِ ايران ۾ نقصانن جو جائزو ورتو پيو وڃي. ان ۾ انساني جانيون به ضايع ٿيون ۽ خاص طور تي ڊرونز ۽ دفاعي صنعت سان لاڳاپيل انفراسٽرڪچر کي ايران طرفان تمام وڏو نقصان پهتو اسرائيلي حملن ۾ ايران جا اعليٰ فوجي ڪمانڊر، انٽيليجنس جا سينيئر اهلڪار، ايٽمي سائنسدان ۽ عام شهري، گڏيل طور تي 600 کان وڌيڪ شهيد ٿيا، پر ان جي باوجود ايران اسرائيلي ۽ آمريڪي ڌمڪين آڏو نه جهڪيو، پر مسلسل جوابي حملا ڪندو رهيو. ٻي پاسي، اسرائيل جنھن کي غير معمولي طور تي ايراني ميزائل حملن کي منھن ڏيڻو پيو اھو پنهنجا وڏا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو. ايران جيڪو آمريڪي فوجي اڏن جي گھيري ۾ آھي جيڪي عرب ملڪن ۾ آهن، جيئن عراق، سعودي عرب، قطر، متحده عرب امارات، شام، بحرين وغيره. اٽڪل 40-42 هزار آمريڪي فوجي انهن اڏن تي سرگرم موجودآھن. اهي ئي اڏا اسرائيل لاءِ "ڪور” يعني تحفظ جو وسيلو هئا، پر ايران ان سڀني رڪاوٽن جي باوجود ۽ خطي ۾ اڪيلي ھئڻ باوجود، پنهنجي سفارتڪاري، حوصلي، ثابت قدمي ۽ استقامت جو جيڪو مظاهرو ڪيو آهي، ان جو مثال گذريل 40-50 سالن ۾ نھ ٿو ملي. ايران جي ان مزاحمتي روين ڪيترين ئي مغربي افسانن جا بُت پاش پاش ڪري ڇڏيا جن تي اسرائيل جو غرور هو. آمريڪا ۽ اسرائيل جي ٽيڪانالاجيڪل بالادستي کي وڏو ڌچڪو رسيو. ٻيو ڳڻتي جوڳو معاملو اھو سامھون آيو تھ اسرائيلي خفيه اداري موساد ايران جي اندر پنهنجا ٺڪاڻا ٺاهي، ميزائل ۽ ڊرونز ٺاهڻ شروع ڪيا، جن ايران کي 13، 14، 15 جون تي سخت نقصان ڏنو.75 کان وڌيڪ جاسوس گرفتار ٿيا، جن ۾ ڪجهه هندستاني به هئا. 25 جون تي 3 ڄڻن کي جاسوسي جي الزام ۾ ڦاھي ڏني وئي، جڏهن ته 16 جون تي 28 مشڪوڪ ماڻهو گرفتار ٿيا، جن ۾ به هندستاني هجڻ جا امڪان بھ آهن. ان دوران، 700 ماڻهن کي گرفتار ڪيو، هڪ اهم سوال اهو به پيدا ٿيو ته جيڪڏهن هندستانين جو ڪردار به سامهون اچي ٿو خاص ڪري موساد لاءِ ڪم ڪرڻ جو تھ ڇا ان جو اثر ڀارت ۽ ايران جي لاڳاپن تي پوندو؟ اھو ان جي ڪري بھ جو ايس سي او (شنگهائي تعاون تنظيم) جڏهن اسرائيل خلاف قرارداد آندي ته ڀارت ان مان لاتعلقي اختيار ڪئي ۽ اسرائيل جي مذمت ڪرڻ کان پاسو ڪيو. سو ان قرارداد کان لاتعلقي اڻ سڌي ريت اسرائيلي حمايت برابر آھي. هن وقت ايران ۾ 5,000 کان 10,000 تائين ڀارتي موجود هئا، جن مان گھڻا نڪري ويا، اتي موجود اڪثريت ڀارتين جي سافٽ ويئر ڪمپنين سان لاڳاپيل ھئي شڪ ظاهر ڪيو ويوآھي ته اهي اسرائيلي سافٽ ويئر استعمال ڪري رهيا هئا، جيڪي سڌو اسرائيل کي ڊيٽا منتقل ڪري رهيا هئا.. اها ڳالهه پاڪستان لاءِ به هڪ خبرداري آهي ته جيڪڏهن ايران ۾ سافٽ ويئر جاسوسي ٿي سگهي ٿي ته پاڪستان ۾ به ٿي سگهي ٿي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، خميس 26 جون 2025ع تي شايع ٿيو