ڳرن ٽيڪسن سبب غربت شرح وڌي وئي آهي\شاهد خاقان

ڪراچي(رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جو ٽيڪس وارو نظام انصاف تي ٻڌل نه آهي، ۽ تازو پيش ڪيل بجٽ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هيءَ معاشي واٽ نٿي هلي سگهي. 44 سيڪڙو عوام غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پگهاردار طبقو 600 ارب رپين جو ٽيڪس ڀري رهيو آهي. ان جي ابتڙ، وزيرن جي پگهار  ۾ 188 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي موجوده بجٽ ۾ ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ وزيرن جي پگهار وڌائڻ تي سوال اٿاريا. هن چيو ته گذريل  چئن سالن دوران ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ سبب ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري جي سطح 44 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، قرضن جي ڪري ملڪ وڌيڪ ڏيوالو ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته وزيرن جون پگهارون 188 سيڪڙو ۽ ايم اين ايز، ايم پي ايز جون 400 سيڪڙو وڌايون ويون آهن.  عباسي وڌيڪ چيو ته 2018 ۾ اسان جي حڪومت ٽيڪس جي شرح گهٽائي هئي..مفتاح اسماعيل چيو ته "سستو پروٽين يعني انڊن تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي. غريب تي ٽيڪس وجهندي حڪومت کي آءِ ايم ايف ياد اچي ٿو، پر جڏهن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي پگهار وڌائجي  ٿي ته آءِ ايم ايف وسري وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.