غزا(م ڊ)اسرائيلي فوج جي تازن حملي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 74 فلسطيني شهيد ۽ 391 زخمي ٿي پيا آهن، فلسطينيوزارت صحت جي رپورٽ موجب، مارچ ۾ جنگ بندي جي خاتمي کان وٺي هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ 5 هزار 833 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته جنگبندي جي خاتمي کانپوءِ اسرائيلي بمباري ۾ 20 هزار 198 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.