ڪراچي(رپورٽر) پوليس ڊفينس جي هڪ بنگلي مان 5 ڪروڙ رپيا چوري ڪري ملڪيت ٺاهيندڙ گهريلو ملازمه کي گرفتار ڪري ورتو آهي،پوليس موجب ملازمه 2013 کان ڊفينس فيز 5 جي هڪ بنگلي۾ ملازمت ڪري رهي هئي، جنهن دوران هن مجموعي طور 5 ڪروڙ رپيا چوري ڪيا،پوليس ٻڌايو ته ملازمه خلاف ڪلفٽن ٿاڻي تي بنگلي جي مالڪ جي فرياد تي 16 جون تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن بعد ڪارروائي ڪندي پوليس کيس گرفتار ڪيو، جاچ دوران عورت 5 ڪروڙ رپين جي چوري جو اعتراف به ڪري ورتو آهي، پوليس موجب، ملازمه چوري ڪيل رقم مان ڪراچي جي علائقي گزري ۾ 50 لک رپين جو فليٽ خريد ڪيو ، پنجاب ۾ 36 لک رپين جا ٻه پلاٽ ورتا، هڪ ڪروڙ رپين جون گاڏيون خريد ڪيون ۽ 70 لک رپين جي دڪان به خريد ڪئي،هوڏانهن گرفتار عورت کي جڊيشل مئجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدارن کي 3ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيوآهي، عدالت پاران گهريلو ملازمه مسمات شهناز جي ٻن ساٿين جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو.