عمران ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيل تي نيب جو اسپيشل پراسيڪيوٽر مقرر

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان ۽ سندس زال بشریٰ بي بي جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا خلاف داخل ڪيل اپيلن جي پيروي لاءِ قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو آهي. 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشریٰ بي بي جي اپيلن ۽ سزا معطلي بابت درخواستن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. نيب طرفان ايڊووڪيٽ جاويد ارشد کي اپيلن ۽ سزا معطلي واري درخواستن لاءِ اسپيشل پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو آهي. نيب چيئرمين جي منظوري سان اسپيشل پراسيڪيوٽر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

سنڌ ۾ پهرين محرم کان 10 محرم الحرام تائين قلم 144 لاڳو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي فيصلو ڪيو آهي ته محرم الحرام جي پهرين تاريخ کان 10 تاريخ تائين صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪئي ويندي، جڏهن ته بنا اجازت جلسن، ريلي ڪڍڻ ۽ هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي هوندي، نوٽيفڪيشن موجب 1 کان 10 محرم الحرام تائين هٿيار کڻي هلڻ جا سمورا اجازت ناما معطل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڊرون، هيلي ڪيم، بغير اجازت جلسا ۽ ريليون ڪڍڻ، ۽ لائوڊ اسپيڪر جي غيرقانوني استعمال تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ان کان علاوه 9 ۽ 10 محرم تي موٽرسائيڪل جي ٻيل سواري تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي ويندي، هوڏانهن آءِ جي سنڌ محرم الحرام دوران هڪ محرم کان 12 محرم تائين پوليس اهلڪارن جون موڪلون به رد ڪري ڇڏيون آهن،آفيسرن ۽ هلڪارن کي آفيسن ۾ رپورٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

ڪراچي ۾ به کنڊ مهانگي، ڪلو 190 رپيا وڪرو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ به کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جتي گذريل 3 ڏينهن دوران في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ريٽيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جيقيمت 180 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي، اهڙي طرح پاڙن جا ننڍا دڪاندار 190 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ڪري رهيا آهن، ڪراچي جي هول سيل مارڪيٽ ۾ به کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ سبب في ڪلو قيمت 174 رپيا تائين پهچي وئي آهي، هول سيلرز موجب، محرم الحرام ويجهو اچڻ سان گڏ کنڊ جي طلب ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ قيمتون پڻ وڌيڪ وڌي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.